اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل 2026 – 2025ع جي لاءِ 4224 بلين رپين جي قومي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن ۾ 1000 بلين رپيا وفاقي جڏهن ته 2869 بلين رپيا صوبائي ترقياتي منصوبن جي خرچن جي لاءِ مختص هوندا. قومي اقتصادي ڪائونسل 2025 – 2024ع جي لاءِ مجموعي قومي پيداوار جي 2.7 سيڪڙو واڌويجهه جي شرح ۽ ايندڙ مالي سال جي لاءِ 4.2 سيڪڙو واڌويجهه جي شرح، اڏار پاڪستان فريم ورڪ، 13هين پنج سالا منصوبي (2029 – 2024ع)، 2026 – 2025ع جي سالياني ترقياتي پلان ۽ مالي سال 2026 – 2025ع جي لاءِ ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ ۽ هدفن جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي 10 مئي جي معرڪه حق ۾ پاڪستان جي تاريخي فتح تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جي پيشيواراڻي مهارت ۽ دليري جي ڪري معرڪه حق ۾ الله تعاليٰ پاڪستان کي فتح سان نوازيو، ڀارت جو پاڪستان جي خلاف تازو بيانيو انتهائي غيرذميواراڻو آهي جنهن سان خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي شديد خطرا آهن. هن چيو ته پاڪستاني عوام ملڪي سالميت جي تحفظ جي لاءِ ڀارت جي خلاف مڪمل طور تي هڪ آهي، ڀارت جي پاڪستان کي پاڻي وسيلن کان محروم ڪرڻ جون ڌمڪيون ناقابل قبول آهن، اسان معرڪه حق کانپوءِ پاڻي وسيلن جي تحفظ جي جدوجهد ۾ به انشاءَ الله ڀارت کي شڪست ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته سمورن وڏن وزيرن سان خصوصي اجلاس ۾ ڀارتي جارحيت جي ڏس ۾ پاڪستان جي پاڻي وسيلن جي تحفظ جي لاءِ مضبوط حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي ويندي، وفاق ۽ صوبا گڏجي پاڪستان جي پاڻي وسيلن کي محفوظ رکڻ ۾ ڪامياب ٿيندا، ملڪ ۾ تازو معاشي استحڪام وفاق ۽ صوبن جي گڏيل ڪوششن جي ڪري ممڪن ٿيو، ملڪ معاشي ترقي جي راهه تي گامزن آهي. هن چيو ته زرعي شعبو ملڪي پرڏيهي ناڻي ۾ اضافي ۽ واڌويجهه جي شرح ۾ اضافي جي لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو، زرعي پيداوار ۾ ترتيبوار اضافي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. اجلاس ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جي 6 نقاطي ايجنڊا جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي. اجلاس کي مالي سال 2025 – 2024ع ۾ معيشت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان نظرثاني ٿيل انگ اکر پيش ڪيا ويا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2025 – 2024ع ۾ 3483 بلين رپيا ساليانو ترقياتي پروگرام تي خرچ ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ 1100 بلين رپيا وفاق جڏهن ته 2383 بلين رپيا صوبن جو حصو آهي. اجلاس 2025 – 2024ع جي لاءِ مجموعي قومي پيداوار جي 2.7 سيڪڙو واڌويجهه جي شرح ۽ ايندڙ مالي سال جي لاءِ 4.2 سيڪڙو واڌويجهه جي شرح جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته جولاءِ 2024ع کان اپريل 2025ع مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 30.9 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ بيلنس پهريون ڀيرو مثبت رهيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مالي سال 2025 – 2024ع ۾ مالياتي خسارو وڌيڪ گهٽ ٿي مجموعي قومي پيداوار جو 2.6 سيڪڙو رهيو جڏهن ته پرائمري بيلنس اضافي کانپوءِ مجموعي قومي پيداوار جو 3 سيڪڙو رهيو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته حڪومتي پاليسين ۽ قدمن سان پاليسي ريٽ ترتيبوار گهٽتائي کانپوءِ 11 سيڪڙو تي آيو جڏهن ته جولاءِ 2024ع کان مئي 2025ع تائين نجي شعبي جي ترقي جي لاءِ ڏنل قرض وڌي 681 ارب تائين پهچي ويا، 2025 – 2024ع ۾ مجموعي قومي پيداوار جو ڪاٿو 114 ٽريلين رپيا يا 411 ارب ڊالر هوندو. اجلاس 2026 – 2025ع جي سالياني ترقياتي پلان جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس 2026 – 2025ع جي لاءِ 4224 بلين رپين جي قومي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن ۾ 1000 بلين رپيا وفاقي جڏهن ته 2869 بلين رپيا صوبائي ترقياتي منصوبن جي خرچن جي لاءِ مختص هوندا. اجلاس مالي سال 2026 – 2025ع جي لاءِ ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ ۽ هدفن جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اقتصادي ڪائونسل لاڳاپيل وزارتن، صوبن ۽ سرڪاري ادارن کي هدايت ڪئي ته تجويز ڪيل سالياني پلان 2026 – 2025ع جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ منصوبابندي واري وزارت سان گڏجي ڪم ڪن، انهن ترقياتي منصوبن ۾ صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر، واٽر سيڪٽر ۽ هائوسنگ جي شعبن کي ترجيح ڏني ويندي. قومي اقتصادي ڪائونسل کي اپريل 2024ع کان مارچ 2025ع تائين سي ڊي ڊبليو پي جي اڳڀرائي تي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ اپريل 2024ع کان مارچ 2025ع دوران سي ڊي ڊبليو پي ۽ ايڪنڪ کان منظور ڪيل قومي ترقياتي منصوبن جا تفصيل پڻ پيش ڪيا ويا. اجلاس 13هين پنج سالا منصوبي (2029 – 2024ع) جي منظوري ڏني. قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ اڏار پاڪستان فريم ورڪ جي پڻ منظوري ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 13هون پنج سالا منصوبو ۽ اڏار پاڪستان گڏيل طور تي هم آهنگ آهن. اجلاس کي سالياني قومي ترقياتي پروگرام جي منصوبن جي ٿرڊ پارٽي مانيٽرنگ رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رپورٽ جي سفارشن جي روشني ۾ مستقبل جي منصوبن جي پلاننگ ڪئي وڃي. وزيراعظم قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس جي سمورن نقطن جي اتفاق راءِ سان منظوري تي شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته قومي معاملن تي اهڙي طرح اتفاق راءِ پاڪستان جي روشن مستقبل جو ضامن آهي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله سان گڏوگڏ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور، بلوچستان جو وڏو وزير نواب سرفراز بگٽي ۽ قومي اقتصادي ڪائونسل جا ٻيا ميمبر شريڪ هئا.