ڪراچي-04 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اُتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ 14 فتنه الخوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي مبارڪون ڏنيون آهن. جاري ڪيل بيان موجب وڏي وزير ملڪي استحڪام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي لازوال قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. وڏي وزير چيو ته اسان جي مضبوط فورسز ملڪ جو دفاع اڻمٽ بنائي ڇڏيو آهي. وڏي وزير چيو ته ملڪ مان دهشتگرد ڌُرين کي تيزيءَ سان پنهنجي انجام تائين پهچايو پيو وڃي. امن ۽ ترقيءَ جو سفر تيزيءَ سان جاري آهي. هن چيو ته پوري قوم جون دعائون پاڪ فورسز سان گڏ آهن. دشمن کي هر محاذ تي شرمندگي جو مُنهن ڏسڻو پوندو.