ڪراچي-04 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري، اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي 14 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل پڌرائي مطابق سنڌ جي گورنر چيو ته دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز جون ڪامياب ڪاروائيون ساراهه جوڳيون آهن. فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪاروائيون جاري رهنديون. سنڌ جي گورنر چيو ته قوم جي دفاع ۾ سيڪيورٽي فورسز جو حوصلو ۽ قربانيون فخر جوڳيون آهن. ڪامران خان ٽيسوري چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن جو خاتمو سيڪيورٽي فورسز جو عزم آهي.