اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريلوي کي جديد بنيادن تي ترقي ڏيڻ کي قومي پاليسي جو اهم جز قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪي معاشي ۽ صنعتي ترقي جي لاءِ سڄي ملڪ جي ريلوي انفراسٽرڪچر جي پائيدار بنيادن تي نئين سر تعمير ڪرڻ جي ضرورت آهي، وچ ايشيائي ملڪن سان واپاري رابطا وڌائڻ جي لاءِ ريلوي پنهنجي نيٽ ورڪ کي وسيع ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي صدارت ۾ پاڪستان ريلويز سان لاڳاپيل معاملن تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ريلوي نظام ڪنهن به ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ملڪي معاشي ۽ صنعتي ترقي جي لاءِ سڄي ملڪ جي ريلوي انفراسٽرڪچر جي پائيدار بنيادن تي نئين سر تعمير جي ضرورت آهي، علائقائي واپار ۽ رابطن جي لاءِ ريلوي کي جديد بنيادن تي ترقي ڏيڻ قومي پاليسي جو اهم جز آهي. هن هدايت ڪئي ته وچ ايشيائي ملڪن سان واپاري رابطا وڌائڻ جي لاءِ ريلوي کي پنهنجي نيٽ ورڪ کي وسيع ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم گوادر کي پاڪستان ريلويز نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ جو ڪم تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي وزيراعظم کي پاڪستان ريلويز ۾ جاري سڌارن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان ريلويز ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي بي پناهه صلاحيت آهي، وڏين ۽ اهم ريلوي اسٽيشنز تي جديد انفارميشن ڊيسڪ ٺاهيون پيون وڃن، لاهور، راولپنڊي ۽ ملتان جي ريلوي اسٽيشنن تي صفائي سٿرائي جو نظام آئوٽ سورس ڪيو ويو آهي، ٽرينز ۽ ريلوي اسٽيشنز ۾ فراهم ڪئي ويندڙ خوراڪ جي نگراني جي حوالي سان ريلويز ۽ صوبائي فوڊ اٿارٽيز گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته عوام جي سهولت لاءِ وڏي عرصي کان بند سروسز جي ٻيهر شروعات ڪئي وئي آهي، بولان ميل کي تازو ئي روزاني سروس جي بنياد تي شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڊيره غازي خان ۽ خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس کي پڻ بحال ڪيو ويو آهي، ريلوي جي سکر، خانيوال ۽ ڪوهاٽ ۾ موجود ڪنڪريٽ سليپر فيڪٽريز کي آئوٽ سورس ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، ملتان ۽ سکر ۾ موجود ريلوي جي اسپتالن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ ريسٽ هائوسز کي روينيو شيئرنگ جي بنياد تي آئوٽ سورس ڪيو پيو وڃي، رائل پام گالف اينڊ ڪنٽري ڪلب لاهور کي نيلام ڪيو پيو وڃي جتي فائيو اسٽار هوٽل قائم ٿيڻ جي سموري صلاحيت موجود آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ريلويز کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڊيجيٽائيزيشن جو ڪم تيزي سان ڪيو پيو وڃي، ريلوي جي آءِ ٽي ڊائريڪٽوريٽ جي ري اسٽرڪچرنگ جو ڪم تيزي سان جاري آهي، ٽرينز ۾ مفت واءِ فاءِ سروسز فراهم ڪئي پئي وڃي، رابطا موبائيل فون ايپلي ڪيشن کي پڻ جديد بڻايو پيو وڃي جنهن تحت ٽرين جُون ٽڪيٽُون بُڪ ڪري سگهبيون. ان کانسواءِ 155 ريلوي اسٽيشنز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو پيو وڃي جنهن سان حڪومت کي ڪيترن ئي ملين رپين جي بچت ٿيندي، رائيٽ سائيزنگ پاليسي تحت 17101 جايون ختم ڪيون ويون آهن جڏهن ته وڌيڪ 5695 جايون مستقبل ۾ ختم ڪيون وينديون. بريفنگ موجب پاڪستان ريلويز ايڊوائيزري اينڊ ڪنسلٽنسي سروسز، ريل ڪاپ، پاڪستان ريلويز فريٽ ٽرانسپورٽ ڪمپني ۽ پراجيڪٽ امپلي مينٽيشن يونٽ ختم ڪيا ويا، 10 ارب رپين جي ماليت جي ريلوي جي زمين آزاد ڪرائي وئي آهي، پنجاب حڪومت سان گڏجي لاهور کان راولپنڊي جي وچ ۾ هاءِ اسپيڊ ٽرين سروس، لاهور ۽ راولپنڊي اسٽيشنز جي اپ گريڊيشن ۽ ريلوي جي پنجاب ۾ موجود 8 برانچ لائينز تي سب اربن ٽرينسروسز جي منصوبن تي ڪم ڪيو پيو وڃي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته شاهدره باغ کان ڪوٽ لکپت تائين ريلوي لائين جي ٻنهي طرفن گرين بيلٽ ٺاهي ويندي جڏهن ته مين لائينز جي ٻنهي طرفن پنجاب جي ٻيلي کاتي جي تعاون سان گل ۽ وڻ لڳايا ويندا، بلوچستان حڪومت سان گڏجي سرياب – ڪچلاڪ ۽ ڪوئيٽا– چمن ريلوي لائينز سيڪشنز کي اپ گريڊ ڪيو ويندو. بيان موجب وزيراعظم پاڪستان ريلويز ۾ جاري سڌارن ۽ نئين منصوبن جي رفتار تي ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي کي شاباس ڏني. اجلاس ۾ ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه، ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.