اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) ڪرپٽو بلاڪ چين بابت مملڪتي وزير ۽ پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل جي سي اي او بلال بن ثاقب واشنگٽن ڊي سي ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڊجيٽل اثاثن واري ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر رابرٽ بوهانز سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران بٽ ڪوائن جي انضمام ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ملاقات پاڪستان پاران لاس ويگاس ۾ منعقد بٽ ڪوائن 2025ع ڪانفرنس ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ بٽ ڪوائن ريزرو جي اعلان کانپوءِ ٿي آهي، ان اعلان سان ئي پاڪستان ايشيا ۾ بٽ ڪوائن کي رياستي اثاثي طور اختيار ڪرڻ وارن پهرين ملڪن ۾ شامل ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان کي ڊجيٽل اثاثن جي ميدان ۾ دنيا جو اڳواڻ بڻجڻ اسان جو خواب آهي، اسان نه رڳو اسٽريٽجڪ بٽ ڪوائن ريزرو ذريعي نئين معيشت جو بنياد رکي رهيا آهيون پر ڪرپٽو مائننگ ۽ مصنوعي ذهانت جي ڊيٽا زونز لاءِ قومي بنيادي ڍانچو به ٺاهي رهيا آهيون، اهو رڳو ويزن نه پر هڪ عمل جوڳو خاڪو آهي جنهن سان پاڪستان جديد ڊجيٽل معيشت جي دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي، ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ آمريڪا جي ڊجيٽل اثاثن، ريگوليٽري هم آهنگي ۽ جديد مالياتي ٽڪينالاجي تي شراڪت کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ معيشت ۾ شموليت وڌائڻ لاءِ بلاڪ چين تي ٻڌل جدت ڪاري جي نظام جو به جائزو ورتو. مملڪتي وزير وائيٽ هائوس ڪائونسل آفيس جي عملدارن به ملاقات ڪئي جنهن ۾ قانوني ۽ پاليسي رخن جو جائزو ورتو ويو. واضح رهي ته رابرٽ بوهائنز صدر ٽرمپ جي خاص صلاحڪارن واري ڪائونسل ۾ ڊجيٽل اثاثن جي قومي پاليسي سازي جو سربراهه آهي.