اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان چيئرمين پاڪستان ٽوبيڪو بورڊ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ تماڪ جي شعبي ۾ موجوده صورتحال، آبادگارن کي درپيش چئلينجز ۽ بورڊ جي ڪارڪردگيءَ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وفاقي وزير پاڪستان مان تماڪ جي روانگي واپار جو 100 ملين ڊالرن کان مٿي چڙهڻ ملڪي معيشت لاءِ هڪ سٺي اڳڀرائي قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ٽوبيڪو بورڊ آبادگارن، صنعت ۽ روانگي واپار جي مارڪيٽن وچ ۾ هڪ فعال ۽ اثرائتي رابطي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، آبادگارن لاءِ منصفاڻي قيمت جي تعين ۾ بورڊ جو ڪردار تعريف جوڳو آهي. وفاقي وزير زور ڀريو ته ٽوبيڪو بورڊ تحقيق ۽ ترقي جي بجيٽ ۾ واڌ ڪري ته جيئن اعليٰ معيار جي تماڪ جا قسم تيار ڪري سگهجن جيڪي عالمي مارڪيٽ ۾ بهتر قيمت تي وِڪرو ٿي سگهن. هن چيو ته ويليو ايڊڊ پراڊڪٽس تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن پاڪستان ۾ تماڪ جي پراسيسنگ، پيڪجنگ ۽ روانگي واپار جي عمل کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪري سگهجي. چيئرمين بورڊ طرفان فصل جي مانيٽرنگ، ٽريس ايبلٽي ۽ مارڪيٽ ريگيوليشن جي قدمن تي برفنگ ڏني وئي، جنهن تي وفاقي وزير اطمينان جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير تجويز ڏني ته ٽريس اينڊ ايبلٽي سسٽم کي ٻين ضلعن تائين وسعت ڏني وڃي ته جيئن پيداوار جي شفافيت کي يقيني بنائي سگهجي. وفاقي وزير ٽوبيڪو بورڊ جي ڊجيٽل رجسٽريشن، ڊيٽا ڪليڪشن ۽ آبادگار سپورٽ اسڪيمن کي قابل جوڳو ماڊل قرار ڏنو. هن چيو ته ننڍن آبادگارن لاءِ سبسڊي، ان پٽ سپورٽ ۽ قرضن جي فراهميءَ لاءِ ”ڪسان ڪارڊ“ جهڙن منصوبن کي هٿي ڏني وڃي. ملاقات ۾ بورڊ جي نئين مارڪيٽ ايڪسپلوريشن پاليسي کي روانگي واپار ۾ واڌ طرف هڪ هاڪاري قدم قرار ڏنو ويو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت نئين سيڙپڪاري کي راغب ڪيو وڃي ۽ پائيدار زرعي طريقن کي هٿي ڏني وڃي ته جيئن ماحولياتي تحفظ سان گڏوگڏ تماڪ جي پوکي به ترقي ڪري. آخر ۾ وفاقي وزير پاڪستان ٽوبيڪو بورڊ جي مجموعي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو ۽ چيو ته وزارت ۽ بورڊ وچ ۾ پاليسي هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط بنايو وڃي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته تماڪ انڊسٽريءَ کي مستحڪم رکڻ لاءِ پاليسين جو تسلسل جاري رکيو وڃي ۽ بورڊ کي هر ممڪن معاونت فراهم ڪئي وڃي.