ڪراچي-03 جون (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته ڪاروباري برادري پاڪستان جو اثاثو آهي، پيپلز پارٽي ڪاروبار دوست پاليسيون ٺاهيندي آهي. اهڙو اظهار هن سائيٽ انڊسٽريز ايسوسيئيشن جي آفيس جو دورو ڪرڻ دوران ڪيو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ صنعتڪارن ۽ واپارين سان ملاقات ڪئي ۽ ميمڻ سائيٽ ايريا جي روٽس تي بسون هلائڻ جو به اعلان ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صنعتڪارن سان خاص طور تي ملاقاتون ڪيون آهن. سياسي پارٽيون سٺي ڪم کي هٿي وٺرائن چاهين ٿيون، هن چيو ته ڪراچي لاءِ ميگا پراجيڪٽس غور هيٺ آهن. ڪراچي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان وڏو آهي، پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان به اسان جا صوبا آهن، اتان جا ماڻهو روزگار لاءِ سنڌ ۾ به ايندا آهن، اسان جي صوبي ۾ موقعا موجود آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ بهترين صحت جون سهولتون ڪراچي ۾ آهن سنڌ جون عوامي صحت جون سهولتون ٻين صوبن کان بهتر ۽ مفت آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي جي هيوي ٽريفڪ جو حل ناردرن باءِ پاس آهي، پوري سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ آهي، ڪراچي کان ٻهراڙي وارن ضلعن ۾ وڌيڪ لوڊشيڊنگ آهي، حيسڪو ۽ سيپڪو ڪمپنيون ماڻهن کي اجتماعي سزا ڏين ٿيون. هن چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبن ۾ حددخلين سميت ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا آهن، صوبي کان ٻاهر رجسٽرڊ ٿيل هيوي گاڏين لاءِ هڪ ميڪنزم ٺاهيو ويو آهي، ٻاهر رجسٽرڊ ٿيل گاڏين کي هتي رجسٽرڊ ڪرڻو پوندو، 1500 هيوي گاڏيون ضبط ڪيون ويون آهن جيڪي مقصد لاءِ مناسب نه هيون. هن وڌيڪ چيو ته ڌرڻو ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجي، ڌرڻو ڪلچر ملڪ جي عوام کي نقصان پهچائيندو آهي، آئيني طريقيڪار تحت احتجاج ڪرڻ جو حق آهي پر روڊ بلاڪ ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي.