لاهور -01 جون (اي پي پي) پنجاب حڪومت عيدالاضحيٰ جي آمد کان اڳ عوامي تحفظ لاءِ اهم فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت پنجاب جي گهرو کاتي عيدالاضحيٰ دوران عارضي نصب ٿيل مڪينيڪل جهولن تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي. پنجاب جي گهرو کاتي جي ترجمان مطابق سڄي صوبي ۾ قائم تفريح پارڪن ۾ مستقل بنيادن تي نصب مڪينيڪل جهولن کي پابندي کان ڇوٽ حاصل هوندي پر مستقل نصب مڪينيڪل جهولن لاءِ فٽنيس سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، پنجاب جي گهرو کاتي جي جاري حڪمن مطابق سڄي صوبي م قائم تفريحي پارڪن ۾ مستقل بنيادن تي نصيب مڪينيڪل جهولن جا مالڪ يا آپريٽرز لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن کان سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندا جڏهن ته ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه تصديق ڪندي ته هر مڪينيڪل جهولو حفاظت جي ضروري معيارن تي پورو لهندو.