ڪراچي-30 مئي (اي پي پي) وزيراعليٰ سنڌ جي اقليتي معاملن بابت خاص مددگار ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي منارٽي وِنگ سنڌ جي صدر ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي جي صدارت هيٺ سنڌ نان مسلم ويلفيئر ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس ٿي گذريو. جنهن ۾ وزيراعليٰ سنڌ جي انساني حقن بابت خاص مددگار راجوير سنگهھ سوڍو، سينيٽر پونجو مل ڀيل، ايم پي اي ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ، ايم پي اي مهيش ڪمار، ايم پي اي انيل ڪمار، اقليتي معاملن واري کاتي جي سيڪريٽري انجم اقبال جماڻي سميت مختلف کاتن جي آفيسرن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ شاگردن جي اسڪالرشپ جي رقم 25 هزار مان وڌائي 50 هزار ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. جڏھن ته اجلاس ۾ آگاھي ڏني وئي ته اقليتي معاملن واري کاتي کي يونيورسٽين طرفان 645 اسڪالرشپز جون درخواستون مليون آھن جن جي جانچ پڙتال کانپوءِ 594 شاگردن کي اسڪالرشپ لاءِ اهل قرار ڏنو ويو آھي۔

 

جڏھن ته اجلاس ۾ اھا به آگاھي ڏني وئي ته کاتي کي ملندڙ درخواستن مان اھل شاگردن جو انگ گهٽ آھي جنھن لاءِ ڪميٽي کان ٻيھر اشتھار جاري ڪرڻ جي منظوري گهربل آھي، جنھن تي اهل شاگردن جو انگ گهٽ هجڻ سبب ڪميٽي ٻيهر اشتهار جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس دوران سنڌ ۾ اقليتي برادري کي پيش ايندڙ سماجي، انتظامي ۽ معاشرتي مسئلن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. جنھن بعد ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته منارٽي اسڪالرشپ لاءِ اهل شاگردن کي جلد کان جلد اسڪالرشپ جا چيڪ ڏنا وڃن. اسڪالرشپ لاءِ ٻيهر اشتهار جاري ڪري نيون درخواستون وٺي 100 کان وڌيڪ شاگردن کي ٻئين مرحلي ۾ چيڪ جاري ڪيا وڃن. ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي وڌيڪ چيو تهپاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي قيام کان وٺي اڄ تائين اقليتن جي حقن جي محافظ رهي آهي. قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ هاڻوڪي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تائين، پارٽي جي قيادت هميشه اقليتن جي آواز کي ايوانن تائين پهچايو ۽ انهن جي حقن جي تحفظ لاءِ عملي قدم کنيا آهن