ڪراچي-30 مئي (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي راندين ۽ نوجوانن معاملن کاتي جي وزير سردار محمد بخش مھر جي ھدايتن تي نوجوانن لاءِ ڊبنگ، وائس اوور ۽ آواز سان لاڳاپيل شعبن ۾ ڪيريئر جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم کنيو آهي. راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي جي وزير سردار محمد بخش مهر جي هدايتن تي “فيوچر وائس” جي عنوان سان هڪ منفرد ۽ بااختيار پروگرام جي شروعات ڪئي پئي وڃي. هي پروگرام خاص طور تي انهن نوجوانن لاءِ ترتيب ڏنل آهي، جيڪي پنهنجي آواز ذريعي پاڻ کي مڃرائڻ چاهين ٿا، چاھي اُهي وائس آرٽسٽ بڻجڻ جا خواهشمند هجن، ڊبنگ جي ميدان ۾ پنهنجي سڃاڻپ چاهين، ريڊيو جاڪي (آر جي) ٿيڻ جو خواب ڏسي رهيا هجن، يا پنهنجي آواز ذريعي دنيا تائين پهچڻ جي تمنا رکن ٿا. فيوچر وائس پروگرام جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان ۾ آواز جي شعبي جون ناليواريون شخصيتون شريڪ ٿينديون. مشهور ڪارٽون “ڊورا” جي آواز ڏيندڙ معروف وائس آرٽسٽ ڪنز الاايمان ۽ مشهور ترڪ ڊرامي “ارطغرل غازي” جي مرڪزي ڪردار ‘ڪرولش عثمان’ جي ڊبنگ ڪندڙ باصلاحيت فنڪار باسط فرياد به پروگرام ۾ شرڪت ڪري نوجوانن جي رهنمائي ڪندو. هي پروگرام ڇنڇر 31 مئي تي شام 7 وڳي کان رات 10 وڳي تائين سنڌ يوٿ ڪلب، گلستانِ جوهر، ڪراچي ۾ منعقد ڪيو ويندو. راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي جو هي قدم نوجوانن کي نون ۽ جديد شعبن ۾ ڪيريئر ٺاهڻ جا موقعا ڏيڻ جي طرف هڪ مثبت ڪوشش آهي