نوابشاهه-23 مئي (اي پي پي) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ورلڊ بئنڪ جي وفد سان گڏ ڳوٺ نظرمحمد لغاري جو دورو ڪيو. ورلڊ بئنڪ جي وفد ۾ مينيجنگ ڊائريڪٽر اينا بيجئرڊ ۽ ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنحسين شامل هئا. هنن نظر محمد لغاري ڳوٺ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ تعمير ٿيل گهرن جو معائنو ڪيو. آصفه ڀٽو ۽ ايم ڊي ورلڊ بئنڪ متاثر عورتن …
نوابشاهه ۾ خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پاران ورلڊ بئنڪ جي وفد سان گڏ ڳوٺ نظرمحمد لغاري جو دورو

مزید خبریں
نوابشاهه-23 مئي (اي پي پي) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ورلڊ بئنڪ جي وفد سان گڏ ڳوٺ نظرمحمد لغاري جو دورو ڪيو. ورلڊ بئنڪ جي وفد ۾ مينيجنگ ڊائريڪٽر اينا بيجئرڊ ۽ ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنحسين شامل هئا. هنن نظر محمد لغاري ڳوٺ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ تعمير ٿيل گهرن جو معائنو ڪيو. آصفه ڀٽو ۽ ايم ڊي ورلڊ بئنڪ متاثر عورتن ۾ گهرن جي ملڪيت جون سندون ورهايون، ايم ڊي ورلڊ بئنڪ عورتن سان ملاقات ڪئي، کين دستڪاري جو ڪم به ڏيکاريو ويو. نظر محمد لغاري ڳوٺ ۾ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل 32 گهر نوان ٺاهيا ويا آهن، وفد کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هي منصوبو عورتن کي مالڪاڻا حق ڏيڻ وارو پاڪستان جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي، آصفه ڀٽو چيو ته سنڌ حڪومت ٻهراڙي جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته 2022ع جي ٻوڏ ۾ سنڌ ۾ 21 لک گهر تباهه ٿيا، ورلڊ بئنڪ جي 500 ملين ڊالرن جي شروعاتي امداد سان گهرن جي وقت سر تعمير ممڪن ٿي. سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته ورلڊ بئنڪ امداد ۾ وڌيڪ 450 ملين ڊالرن جو اضافو ڪيو آهي، اها رقم 7 لک 78 هزار گهرن جي تعمير ۾ مددگار ٿابت ٿي. 450 ملين ڊالرن مان 54.92 ملين ڊالر پاڻي، صفائي ۽ صحت لاءِ مختص ڪيا ويا. سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته ان منصوبي سان هڪ هزار ٻهراڙين جا 66691 گهراڻا فائدو کڻندا. ورلڊ بئنڪ جي ايم ڊي سنڌ حڪومت جي قيادت ۽ ويزن کي ساراهيو ۽ ورلڊ بئنڪ جي سنڌ حڪومت سان تعاون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.











