واشنگٽن -21 مئي (اي پي پي) اسرائيل جي آئرن ڊوم کان پوءِ آمريڪا گولڊ ڊوم نالي جديد ترين ميزائيل شيلڊ سسٽم لڳائڻ جو اعلان ڪندي دعويٰ ڪئي آهي، ته اهو نظام ملڪ کي ڪروز ميزائلن، بيلسٽڪ ميزائيلن، هائپر سونڪ ميزائيلن ۽ روائتي، غير روائتي ايٽمي ڊرونز کان تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي، ۽ اهو دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ، ايستائين جو خلا کان فائر ڪيل ميزائلن کي به روڪي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب ان نظام تي مجموعي طور 175 ارب ڊالر لاڳت ايندي ۽ اهو 3 سالن ۾ فعال ٿي ويندو. صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته مان پنهنجي چونڊ مهم دوران آمريڪا جي عوام سان وعدو ڪيو هو ته اهو جديد ترين ميزائيل دفاعي شيلڊ ٺاهيندس. اڄ مان ان اعلان تي خوش آهيان ته اسان ان جديد نظام لاءِ باقاعده طور آرڪيٽيڪچر جي چونڊ ڪئي آهي. هن چيو ته جڏهن اهو مڪمل طور تيار ٿي ويندو ته دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ مان ايسائين جو خلا مان فائر ڪيل ميزائيلن کي به روڪي سگهندو، اهو اسان جي ملڪ جي ڪاميابي ۽ بقا لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته آمريڪي اسپيس فورس جو جنرل مائيڪل گيٽلين ان منصوبي جي مڪمل ڪرڻ جو ذميوار هوندو جڏهن ته ڪينيڊا به ان ۾ شموليت لاءِ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. جيئن ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان منصوبي جي ڪل لاڳت 175 ارب ڊالر ٻڌائي آهي پر ڪانگريشنل بجيٽ آفيس موجب خلا ۾ موجود ميزائيل انٽر سيپٽرز جا خرچ 20 سالن ۾ 161 ارب کان 542 ارب ڊالرن وچ ۾ ٿي سگهن ٿا.