سنڌ جي وڏي وزير پاران سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ملڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪ پيش

ڪراچي-20 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ملڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي کيس باوقار اعزاز ملڻ جي ڀرپور آجيان ڪيو آهي۔. هڪ بيان ۾ وڏي وزير، آرمي چيف عاصم منير جي ناقابل شڪست فوجي حڪمت عملي جي واکاڻ ڪئي جنهن ڀارت کي ڪجھه ڪلاڪن اندر ئي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور …

ڪراچي-20 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ملڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي کيس باوقار اعزاز ملڻ جي ڀرپور آجيان ڪيو آهي۔. هڪ بيان ۾ وڏي وزير، آرمي چيف عاصم منير جي ناقابل شڪست فوجي حڪمت عملي جي واکاڻ ڪئي جنهن ڀارت کي ڪجھه ڪلاڪن اندر ئي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هن چيو ته جيڪي دشمنن جي دلين ۾ خوف پيدا ڪن اهڙن کي عزت ڏيڻ زندهه ۽ باوقار قومن جي روايت هوندي آهي. وڏي وزير حق جي معرڪي جي جنگ ۾ حاصل ڪيل فيصلائتي ڪاميابي کي جنرل عاصم منير جي بي مثال اڳواڻي جو ثبوت قرار ڏنو. هن ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جون خدمتون جاري رکڻ واري فيصلي جي پڻ واکاڻ ڪئي ۽ ان کي هڪ هاڪاري اڳڀرائي قرار ڏنو. مراد علي شاهه پاڪ فضائيه جي ”شاهينن“ کي ڀارت جو غرور خاڪ ۾ ملائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته معرڪه حق جي شهيدن ۽ غازين جي قربانين کي تسليم ڪرڻ قومي فرض آهي. وڏي وزير جا اهي تاثرات پاڪستان جي فوجي قيادت تي فخر ۽ اعتماد ڪن ٿا، جيڪا ملڪ جي خودمختياري ۽ تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.