ڪراچي-20 مئي (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته وزيراعظم اڏار پاڪستان وسيلي ملڪ جي معيشت کي وڌيڪ مٿي کڻي وڃڻ چاهي ٿو. جيڪو ملڪ اسلام جي نالي تي حاصل ڪيو ويو، جتي غيرتمند قوم رهي ٿي، ان قوم جي پيرن ۾ آءِ ايم ايف جون زنجيرون نه هجڻ گهرجن. انهن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسلامڪ اڪنامڪ فورم 2025ع کي خطاب ڪندي ڪيو. گورنر …
وزيراعظم اڏار پاڪستان وسيلي ملڪ جي معيشت کي وڌيڪ مٿي کڻي وڃڻ چاهي ٿو: گورنر ڪامران خان ٽيسوري

مزید خبریں
ڪراچي-20 مئي (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته وزيراعظم اڏار پاڪستان وسيلي ملڪ جي معيشت کي وڌيڪ مٿي کڻي وڃڻ چاهي ٿو. جيڪو ملڪ اسلام جي نالي تي حاصل ڪيو ويو، جتي غيرتمند قوم رهي ٿي، ان قوم جي پيرن ۾ آءِ ايم ايف جون زنجيرون نه هجڻ گهرجن. انهن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسلامڪ اڪنامڪ فورم 2025ع کي خطاب ڪندي ڪيو. گورنر چيو ته حق جي معرڪي ۾ پاڪستان جي فوج ڏينهن جي روشني ۾ جواب ڏنو جنهن مايوسين جي بادل کان ڇوٽڪارو ڏنو. رات جي اونداهي ۾ ڀارت، پاڪستان تي حملو ڪيو جنهن ۾ معصوم ماڻهن ۽ مسجد کي شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان رمضان المبارڪ جي 27 هين رات تي قائم ٿيو ۽ الله تعاليٰ طرفان غيبي طاقتون ان سان گڏ آهن. هن چيو ته سپهه سالار جنرل حافظ سيد عاصم منير سرحدن سان گڏوگڏ معيشت کي به مستحڪم ڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪري رهيو آهي. سپهه سالار جنرل حافظ سيد عاصم منير اندرين ۽ ٻاهرين طاقتن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ انهن جا ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا. هن چيو ته پاڪستان جي فوج ڀارت ۽ دنيا کي اهو ٻڌائي ڇڏيو ته هن ملڪ خداد جو دفاع نه فقط مضبوط آهي بلڪه مضبوط هٿن ۾ آهي. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب سنڌ جي گورنر وڌيڪ چيو ته اڄ جي ڪانفرنس ۾ ماڻهن جي چونڊ مون کي تمام سٺي لڳي اها ٽيم اسان جي بينڪنگ نظام کي وڌيڪ سٺي نظام ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي. ڪامران خان ٽيسوري چيو ته پاڪستان کي وياج کان پاڪ ڪري حقيقي اسلامي نظام ڏانهن اچڻو پوندو. زندگي اسان کي ڪيترو به ٿڪائي ڇڏي پر اسان کي بيهڻو پوندو. اسان کي پنهنجي ماضي مان نڪري حال ۾ اچڻو پوندو ڇو ته ماضي ۾ رهندڙ مايوسين ۾ رهندو آهي. هن چيو ته اڄ آرٽيفشل انٽيليجنس جو دور آهي، ان کي پروموٽ نه ڪيو ته پوءِ دنيا کان صديون پويان رهجي وينداسين. ڪامران خان ٽيسوري وڌيڪ چيو ته اسين آزاد مملڪت ۾ رهون ٿا پر آزادي جو احساس ختم ٿي چڪو آهي، اسين پنهنجي حصي جو ڪم نه پيا ڪريون ۽ چئون ٿا ته حڪومت ڪجهه نه پئي ڪري. هن چيو ته جنهن ملڪ جي فوج مضبوط نه هوندي اهو ملڪ ڪڏهن به مضبوط نه ٿو ٿي سگهي فلسطين ۽ ٻين ملڪن جا مثال سڀني جي سامهون آهن.











