ڪراچي – 20 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن لاءِ جيڪي مثالي قدم کنيا آھن اُھي پاڪستان سميت سڄي دُنيا لاءِ مثال بڻجي چُڪا آھن، ٻوڏ متاثر لکين خاندانن لاءِ 21 لک گھرن جي تعمير جو ھدف ھڪ خواب ھو، جنھن کي سنڌ سرڪار عزم، لڳاتار محنت ۽ عوامي خدمت جي جذبي سان حقيقت جو روپ ڏنو، سنڌ ۾ 8 لک کان وڌيڪ گھر مڪمل طور تي تعمير ٿي چُڪا آھن، ھي ڪارنامو گنيز بوڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ درج ڪرڻ جھڙو آهي. ھڪ بيان ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ گھرن جي تعمير جو ڪم ملڪي تاريخ ۾ سونھري لفظن سان لکيو ويندو، ھي سڀ ڪجھ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن ۽ قيادت جو ثمر آھي، چيئرمين بلاول ڀٽو واضح طور تي چيو ھو ته ٻوڏ متاثرن کي رڳو امداد نه پر عزت ڀري زندگي گذارڻ لاءِ مڪمل گھر ڏنا ويندا. ھن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايتن تي سنڌ سرڪار ڏينھن رات ھڪ ڪري متاثر ٿيل علائقن ۾ شفاف، پائيدار ۽ ماحول دوست گھرن جي تعمير جو ڪم مڪمل بڻايو، ھي گھر رڳو سِرن ۽ سيمينٽ جو مجموعو نه پر ھر خاندان جي لاءِ نئين زندگي جي اميد آھن، گھرن ۾ صاف پاڻي، بيت الخلا ۽ ٻين بنيادي سھولتن کي به شامل ڪيو پيو وڃي ته جيئن ماڻھو محفوظ ۽ باوقار زندگي گذاري سگھن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي ٻھراڙي وارن ۽ پُٺتي پيل علائقن ۾ عورتن، ٻارن، بزرگن ۽ معذور ماڻھن جي ضرورتن کي خاص طور تي نظر ۾ رکيو ويو آھي. ھن چيو ته توانائي واري کاتي پاران ھزارين غريب ۽ وچولي طبقي جي خاندانن کي سولر پينل ڏنا پيا وڃن، غريب خاندانن کي سولر پينلز جي فراھمي جو مقصد بجلي جي مھانگن بلن کان ڇوٽڪارو ۽ پنھنجي ضرورت تحت بجلي پيدا ڪرڻ آھي، سولر پينلز اڄ جي دور ۾ رڳو متبادل توانائي جو ذريعو ئي نه پر ھڪ نئي معاشي آزادي جي واٽ آھن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اُنھن گھرن جا مالڪاڻا حق عورتن کي ڏنا پيا وڃن ته جيئن عورتن ۾ تحفظ جو احساس پيدا ٿئي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائي سگھجي. ھي سڀ ڪجھ سنڌ سرڪار جو ئي نه پر سنڌ جي عوام جي استقامت، اجتماعي سوچ ۽ پيپلز پارٽي جي سرڪار جي عوام دوست پاليسين جي ڪاميابي آھي.