اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم برطانوي پرڏيهي وزير جو پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري تي شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڏکڻ ايشيا ۾ تازي اڳڀرائي خاص طور تي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي کانپوءِ جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم برطانيا جي پرڏيهي وزير کي ڀارت جي اشتعال انگيز ۽ جنگجو قدمن کان آگاهه ڪيو، جيڪا پاڪستان جي خودمختياري، عالمي قانونن، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ بين الرياستي لاڳاپن جي قائم ڪيل اصولن جي خلاف ورزي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪيو ۽ اهو ته پاڪستان جو ردعمل محدود، عين موجب ۽ متناسب رهيو، شهرين جي مارجڻ کان بچڻ جي لاءِ پورو احتياط ڪيو ويو. نائب وزيراعظم صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪرڻ تي برطانيا جي تعميري ۽ نتيجاخيز مصروفيت کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين وڌيڪ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي لاءِ تحمل ۽ پائيدار ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين پاڪ برطانيا ٻطرفي لاڳاپن تي پڻ وسيع پئماني تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هنن واپار، اقتصادي تعاون ۽ ترقياتي حصيداري ۾ مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ترجيحي شعبن بشمول تعليم، صحت ۽ موسمياتي لچڪ ۾ برطانيا جي اڻٿڪ حمايت جو اعتراف ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ماحولياتي ڪارروائي ۽ پائيدار ترقي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي طرفن پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ گڏيل احترام، گڏيل قدرن ۽ عوام جي وچ ۾ مضبوط رابطن تي ٻڌل تاريخي ۽ پائيدار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. بيان موجب برطانيا جي پرڏيهي وزير جو دورو پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ مضبوط ۽ گهڻ رخي حصيداري ۽ علائقائي ۽ عالمي چئلينجن کي گڏجي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.