اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان دشمن جي منهن تي اهڙي چماٽ هنئي آهي جيڪا هو ڪڏهن به وساري نه سگهندو، ڀارت اسان جي جاچ جي آڇ جي باوجود پاڪستان تي حملو ڪيو ۽ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو، اسان کي امن پسند پاڙيسرين وانگر ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار سميت ٻين حل طلب مسئلن کي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻو پوندو، خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪشمير تڪرار جو حل لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شڪراني واري ڏهاڙي جي سلسلي ۾ يادگار پاڪستان تي خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾و فاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، عطاءُ الله تارڙ، محسن نقوي، وفاقي ڪابينا جي ٻين ميمبرن، سول ۽ عسڪري عملدارن ۽ مختلف ملڪن جي سفيرن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ سروسز چيفس پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ملڪ تي جان نڇاور ڪندڙ عظيم شهيدن جا والدين ۽ گهڀرڀاتي پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ملڪ تي جان نڇاور ڪندڙ شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي سلام پيش ڪريون ٿا، اسان اڄ جي ڏينهن شڪراني جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون، هي ڏينهن دنيا جي تاريخ ۾ سدائين يادر کيو ويندو، اهڙو ڏينهن صدين کانپوءِ ايندو آهي، اهو الله تعاليٰ جي تمام وڏو فضل ۽ ڪرم آهي، اڄ کان 50 سال اڳ 1971ع ۾ هڪ دل ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو هو، اڄ 2025ع ۾ الله تعاليٰ جي ڪرم ۽ قوم جي دعائن سان پاڪ فوج جي دلير سپوتن کي ڪاميابي ملي جنهن سان دشمن ٻيهر پاڪستان طرف رخ ڪرڻ جو ڪڏهن قيامت تائين نه ٿو سوچي سگهي. هن چيو ته دشمن اسان جي انتهائي مخلصاڻي آڇ کي ٺڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ اسان چيو هو ته پهلگام واقعي جي جاچ جي لاءِ عالمي جاچ ڪميٽي ٺاهيون ٿا جيڪا پوري جاچ کانپوءِ پوري دنيا کي حقيقتون ٻڌائي پر دشمن انتهائي تحمڪاڻي انداز ۽ غرور جي نشي ۾ بدمست ٿي پاڪستان جي مٿان حملو ڪيو ۽ بيگناهه پاڪستانين کي شهيد ڪيو جن ۾ معصوم ٻار، عورتون ۽ جوان شهيد ٿيا ۽ پاڪستان کي اهو پيغام ڏنو ته اسان پاڪستان جي اندر وڃي حملي آور ٿي سگهون ٿا. هن چيو ته 9 مئي جي رات اسان دشمن جا 6 جهاز ڪيرائي چڪا هئاسين، اڳ ۾ 5 جهازن جي ڳالهه هئي پر هاڻي 6 جهاز تباهه ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي. اسان جو اهو دشمن ڏکڻ ايشيا ۾ پاڻ کي ٿاڻيدار سمجهيو ٿي ۽ هو ان خوشفمي ۾ هو ته پاڪستان ان جي آڏو حيثيت نه ٿو رکي، الله تعاليٰ پاڪستان جي انهن شاهينن کي جرئت عطا ڪئي، انهن جهپ هڻي دشمن جي رافيل سميت ٻيا جهاز ڪيرايا ۽ اهڙو خوفائتو خواب ڏيکاريو جو اهي قيامت تائين ان مان نه نڪري سگهندا. هن چيو ته ان کانپوءِ به دشمن ڌمڪيون ڏيندو رهيو ۽ 9 مئي تي اسان توري تڪي جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، 9 ۽ 10 مئي جي وچ واري رات سپهه سالار جنرل سيد عاصم منير ٻڌايو ته ڀارت نور خان ايئربيس سميت ٻين جاين تي بيلسٽڪ ميزائيل سان حملو ڪيو آهي. هن چيو ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پراعتماد هو، ان ۾ خودداري ۽ وطن سان محبت جي تڙپ هئي، هن دشمن جي منهن تي اهڙي چماٽ هڻڻ جي اجازت گهري جيڪا سڄي عمر انهن کي ياد رهندي، ان کانپوءِ پاڪستاني شاهينن پٺاڻ ڪوٽ، اوڌم پور سميت ٻين ڀارتي ٺڪاڻن تي الفتح ميزائيل جي ذريعي حملا ڪيا ۽ دشمن کي سر بچائڻ جي جاءِ نه پئي ملي. هن چيو ته لمحي لمحي صورتحال کان آگاهي جي لاءِ فوجي عملدارن سان رابطي ۾ هئس، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير صبح سوير ڀارت کي جواب ڏيڻ ۽ ڀارت پاران سيز فائر جي درخواست کان آگاهه ڪيو، ان کان وڌيڪ عزت جي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي، اسان دشمن کي ڀرپور ٿپڙ هنئي آهي، مون انهن کي سيز فائر جي آڇ کي قبول ڪرڻ جي لاءِ چيو. شهباز شريف چيو ته پاڪ فضائيه جي سربراهه ۽ شاهينن جهڙي طرح جديد ٽيڪنالاجي ۽ چيني جهازن مان فائدو کنيو آهي ان پوري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، دشمنن جا هوش اڏامي ويا آهن ۽ دوستن جو اعتماد ۽ حوصلو بلند ٿيو آهي، اها تاريخ جي اها تبديلي آهي جيڪا الله تعاليٰ ڪجهه ڪلاڪن ۾ پاڪستان کي ڪاميابي جي صورت ۾ ڏني، آمريڪا کان وٺي جاپان تائين، ڏکڻ ايشيا، وچ اوڀر، يورپ ۽ هر جڳهه تي اها ڳالهه ٿي رهي آهي ته پاڪستان جي فوج ڪهڙي طريقي ۽ خاموشي سان اها ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته ڀارت دنيا کي اهو باور ڪرائي رهيو هو ته ان جي اربين ڊالر جي معيشت ۽ هٿيارن جو انبار آهي ۽ پاڪستان ان جي سامهون ڪا حيثيت نه ٿو رکي ۽ مون کي هن خطي جو بادشاهه تسليم ڪيو وڃي پر الله کي ڪجهه ٻيو منظور هو، پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جون دعائون ڪم آيون ۽ اها عظيم فتح حاصل ٿي، اڄ شڪراني جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان جا ڪنڌ الله تعاليٰ جي آڏو جهُڪيل آهن. هن چيو ته اڄ پاڪستان کي الله تعاليٰ اهو مقام عطا ڪيو آهي هو هاڻي ڪا وڏي کان وڏي طاقت اسان جو رستو نه ٿي روڪي سگهي، پشاور کان ڪراچي تائين پوري قوم اڄ هڪ جان ٻه دل آهي، پوري قوم اسان جي هٿياربند فوج جي پٺيان بيٺل آهي ۽ پوري قوت سان انهن جو ساٿ ڏئي رهي آهي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان سفر جي شروعات ڪريون جنهن جي لاءِ پاڪستان وجود ۾ آيو هو، قائداعظم محمد علي جناح جي عظيم تحريڪ ۾ لکين مسلمانن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، رت جا درياءَ عبور ڪيا جنهن کانپوءِ پاڪستان وجود ۾ آيو، اڄ انهن لکين شهيدن جا روح پڪاري پڪاري ان ڳالهه جي گهرج ڪري رهيا آهن ته اچو پاڪستانيو گڏجي قائداعظم ۽ علامه اقبال جو پاڪستان ٺاهيون، پاڪستان قائم ٿيڻ جو مقصد عالمي دنيا ۾ پاڪستان جي جهنڊي کي سربلند ڪرڻ هو، اسان کي ماضي کي وساري اڳتي وڌڻو آهي، اڄ جي قومي يڪجهتي ۽ اخوت کي زندگي جو سرمايو بڻائي نه رڳو ماضي جي نقصانن جو ازالو ٿيندو پر پاڪستان تمام جلد عالمي دنيا ۾ پنهنجو جائز مقام حاصل ڪري وٺندو، اهو ائين ٿيندو جهڙي طرح 10 مئي تي ٿيو. هن چيو ته اسان کي معاشي ميدان ۾ اهڙي طرح جي عزم جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ۽ ان جي لاءِ قوم تيار آهي، اسان کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي ۽ رت پگهار وهائڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان وسيلن سان مالامال ملڪ آهي. هن چيو ته ڀارت پهلگام واقعي کانپوءِ پاڪستان تي بي بنياد الزام هنيا، هن مشڪل وقت ۾ امن، جنگبندي ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ ڪوشش ڪندڙ دوست ملڪن سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، ڪويت، ايران، ترڪيه، چين ۽ ٻين ملڪن جو ٿورائتو آهيان، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بهادراڻي قيادت ۽ ويزن سان ڏکڻ ايشيا ۾ فوري امن قائم ٿيو ۽ اهو خطرناڪ جنگ کان محفوظ رهيو جنهن تي ان جو شڪرگذار آهيان، هن خطي ۾ 1.6 ارب ماڻهو رهن ٿا، جيڪڏهن ٻنهي ائٽمي ملڪن جي وچ ۾ جنگ ٿئي ٿي ته انهن جو ڇا ٿيندو؟ اسان امن جا خواهشمند آهيون جڏهن ته جارحيت جي مذمت ڪريون ٿا، اسان امن پسند پاڙيسرين وانگر رهي هن خطي جي ترقي ۽ خوشحالي چاهيون ٿا، پاڪستان سدائين خطي ۾ امن جي لاءِ ڪم ڪيو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽي جنگيون ٿيون جنهن سان غربت ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو، اسان کي پرامن پاڙيسرين وانگر ڄمون ۽ ڪشمير سميت پنهنجا حل طلب مسئلا ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ گهرجن، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پائيدار حل کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن قائم نه ٿو ٿي سگهي، اسان دهشتگردي جي خاتمي ۽ واپار جي فروغ سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏئي سگهون ٿا، پاڪستان سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي کان متاثر ملڪ آهي، جيڪڏهن اسان جي بهادر هٿياربند فوج انهن دهشتگردن کي نه روڪي ها ته پوري دنيا کي ان کي منهن ڏيڻو پوي ها. ان موقعي تي هٿياربند فوج جي دستي وزيراعظم کي سلامي پيش ڪئي. تقريب دوران پاڪ فضائيه جي شاهينن خصوصي فلاءِ پاسٽ جو مظاهرو ڪيو. شرڪت ڪندڙن ڀرپور انداز ۾ تاڙيون وڄايون ۽ پاڪستان زندهه آباد جي نعرن سان انهن جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ناليوارن گلوڪارن ۽ شاگردن قومي نغما پيش ڪيا.