حيدرآباد-16 مئي (اي پي پي) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن قانون، پارلياماني معاملن ۽ ڪرمنل پراسيڪيوشن کاتي ۾ 17 هين گريڊ جي اسسٽنٽ پراسيڪيوٽر جنرل جا نتيجا جاري ڪيا ويا آهن جنهن ۾ اسدالله خان، زين العابدين، رابعه ثاقب، غلام مرتضيٰ، انعم اقبال، صائمه صالح کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي ، جنهن ۾ مجموعي طور تي 6 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن. ايس پي ايس سي طرفان ڄاڻايل کاتي ۾ خالي آسامين جي باري ۾ اشتهار نمبر 2024/05 تحت ڄاڻ ڏني وئي هئي، جنهن ۾ گهربل تعليمي قابليت رکندڙ اميدوارن درخواستون جمع ڪرايون. لاڳاپيل آسامين جي لکت واري امتحان جو نتيجو 18 اپريل 2025 ع تي جاري ڪيو ويو هو ۽ زباني امتحان مئي 25ع ۾ ورتو ويو. واضح رهي ته جاري ڪيل نتيجن ۾ مرد، عورت، شهري ۽ ٻهراڙي ڪوٽا سميت سنڌ ۾ موجوده سمورن آئيني گهرجن کي مڪمل طور تي نظر ۾ رکيو ويو آهي. ٻئي پاسي ڪامياب اميدوارن جي فهرست ڪميشن جي ويب سائٽ تي جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اميدوارن پاران حاصل ڪيل مارڪس پڻ پڌريون ڪيون ويون آهن.