ڪراچي-16 مئي (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان تيسوري ملڪ ۾ شڪراني واري ڏهاڙي جي موقعي تي گورنر هائوس ۾ جهنڊو ڦڙڪايو. گورنر هائوس جي عملي ۽ اسڪول جي ٻارن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي قومي ترانو وڄايو ويو، جڏهن ته وطن جي سلامتي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون. تقريب کي خطاب ڪندي گورنر چيو ته قوم جي سپهه سالار جنرل سيد عاصم منير جي اڳواڻي ۾ آپريشن بنيان المرصوص ۾ تاريخي ڪاميابي ملي آهي. اها ڪاميابي قومي اتحاد، قرباني ۽ پاڪ فوج جي بي مثال حڪمت عملي جي عڪاسي ڪري ٿي. ان موقعي تي هن پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پڻ پيش ڪيو.