ڪراچي-15 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، شڪرگذاري ۽ فتح جي ڏينهن جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر جي هدايتن تي سڄي سنڌ ۾ فتح جو ڏينهن ۽ شڪراني جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته اسان جي ڪاميابي کي ايندڙ نسلون ياد رکنديون ته ڪيئن اسان جي نوجوانن ڀارت کي شڪست ڏني. اسان جي سامونڊي، فضائي ۽ هوائي فوج جي جوانن هندستان کي ڀرپور جواب ڏنو ۽ هندستان جو ايشيائي ٽائيگر بڻجڻ وارو خواب ٽوڙي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته پوري دنيا ۾ پيغام ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن ايشيا ۾ ڪو سپر ٽائيگر آهي ته اهو پاڪستان آهي. هي جنگ اسان جي بهادر فوجن ۽ پوري پاڪستاني قوم کٽي آهي. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري رهي آهي، پاڪستاني ميڊيا جو ڪردار تعريف جوڳو آهي، ڀٽي خاندان به هيءَ جنگ وڙهي آهي، ڀارت کي ڊپ آهي ته پاڪستان ايٽمي هٿيارن جو بٽڻ دٻائيندو. سينيئر صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ وارو عوام جو اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو. هن جنگ ۾ اسان شهيد بي بي کي به ياد ڪريون ٿا، هوءَ به هن جنگ ۾ موجود هئي. جنهن اسان کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني. هن جنگ ۾ پاڪستان جو سپريم ڪمانڊر صدر آصف علي زرداري پڻ اڳيان اڳيان هو. هن خاندان جي ٽئين نسل چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پڻ هن جنگ ۾ موجود هو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو جنهن طريقي سان عالمي ميڊيا جي سامهون پاڪستان جي جنگ وڙهي رهيو آهي، ان جو ڪو مثال ناهي. هي اهو ئي بلاول ڀٽو زرداري آهي جنهن گڏيل قومن ۾ چيو هو ته مودي گجرات جو ڪاسائي آهي، ڀارتيا جنتا پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو جي سر جي قيمت رکي، تڏهن به چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هندستان ويو ۽ اتي به ڪشمير جو ڪيس وڙهيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مان بهادر فوج سان گڏ پيپلز پارٽي جي بهادر عوام کي به سلام پيش ڪريان ٿو.