ڪراچي-14 مئي (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميثاق جمهُوريت جي 19ھين سالگره جي موقعي تي سندس پيغام ۾ ميثاق جمهُوريت کي ملڪ جي سياسي تاريخ جو هڪ اهم موڙ قرار ڏنو آهي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ان چارٽر ذريعي جمهوريت پسند قوتن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو، جيڪو آمريت خلاف هڪ مضبوط آواز بڻيو. سيد مراد علي شاهه چيو ته سي او ڊي جنرل پرويز مشرف جي آمريت جي خاتمي ۽ جمهوريت جي بحالي جو بنياد بڻيو. هيءُ معاهدو شهيد بينظير ڀٽو جي انهيءَ فلسفي “جمهوريت بهترين انتقام آهي” جي عملي شڪل هئي. هن چيو ته انهيءَ چارٽر جي نتيجي ۾ صوبن کي خودمختياري حاصل ٿي ۽ وفاقي نظام ۾ اختياري توازن قائم ٿيو. وڏي وزير چيو ته آئين مان آرٽيڪل 58 ٽو بي جي خاتمي سان پارليامينٽ کي استحڪام مليو ۽ غير جمهوري مداخلتن کي روڪيو ويو. سيد مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي سي او ڊي ذريعي سياسي انتقام کي دفن ڪري نيون سياسي روايتون قائم ڪيون، جن ۾ مفاهمت، بردباري ۽ جمهوري تسلسل کي اهميت ڏني وئي. هن وڌيڪ چيو ته چارٽر آف ڊيموڪريسي سياسي سمجھه ۽ ادارن جي مضبوطي ۽ جمهوريت کي هڪ نئون رخ ڏنو.