سکر-12 مئي (اي پي پي) صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو، ڪمانڊنٽ 34 برگيڊ برگيڊيئر اسد ڪجھه ڏينهن پھريان ڊرون حملي ۾ زخمي ڳوٺ سيفل خان جعفري واسي فياض جعفري ولد قادر بخش جعفري جي ضياء الدين اسپتال سکر پڻ پھچي عيادت ڪئي ۽ گلدستو پيش ڪيو ان موقعي تي ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي، ڊي آئي جي فيصل عبدالله چاچڙ، ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو ۽ ٻيا سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ برگيڊيئر اسد ضياءُ الدين اسپتال جي ڊاڪٽرن کان ڊرون حملي ۾ زخمي مريض جي صحت بابت تفصيل ورتا ۽ مريض کي بهترين علاج فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. ان موقعي تي برگيڊيئر اسد چيو ته پاڪستاني فوج هميشه جيان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو آهي ۽ ڪنھن کي به پاڪستان خلاف ميري اک کڻڻ نه ڏينداسين. ان موقعي تي صوبائي وزير چيو ته هن قسم جي واقعن کي روڪڻ لاءِ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪرڻ وارا ادارا هر وقت تيار آهن پاڪ فوج جي بھترين جوابي ڪارروائي کانپوءِ ڀڀڪيون ڏيندڙ دشمن خاموش ٿي ويو ھڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته ڀارت جي جنگي جارحيت ۾ شھيدن جي وارثن جي مالي امداد سان گڏوگڏ زخمين کي پڻ علاج معالجي جو خرچ حڪومت برداشت ڪندي ان موقعي تي زخمي ٻارڙي فياض جعفري جي والد چيو ته اسان جا حوصلا بلند آهن ھڪ پٽ زخمي ٿيو آھي پر ملڪ لاءِ سڀني پٽن جي قرباني لاءِ تيار آهيان پاڪستان آرمي طرفان ڊرون حملي ۾ زخمي ٻارڙي جي خاندان کي مالي امداد ۽ راشن فراهم ڪيو ويو جڏهن ته ٻارڙي جي علاج ۽ تعليم لاءِ پڻ ڀرپور مدد جو يقين ڏياريو.