ڪراچي-11 مئي (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ماءُ جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي قوم جي نالي ھڪ خاص پيغام ۾ چيو آھي تھ ماءُ جو ڏينهن ماءُ جي عظمت، قرباني ۽ شفقت کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينھن آھي. گورنر چيو تھ پاڪستان جي فوج جا شيردل سپوت پاڪستاني مائرن جي مثالي تربيت جو ثمر آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ ھڪ باھمت ماءُ ئي بھادر، محب وطن ۽ قرباني ڏيندڙ جوان کي جنم ڏيندي آھي. ڪامران خان ٽيسوري ھندستان سان ھر محاذ تي ڪاميابي ۾ پاڪستاني مائرن جي دعائن ۽ پرورش جي اھم ڪردار کي اجاڳر ڪيو، ماءُ فقط ھڪ رشتو ناھي، پر سڄي زندگي جو سرمايو ۽ بازي کٽڻ جو حوصلو آھي. گورنر چيو تھ ماءُ جي ھنج انسان جي پھرين تربيت گاهه ۽ قومي ڪردار سازي جو مرڪز آھي. ھن زور ڀريو تھ ماءُ جي عزت، خدمت ۽ دعائن کي زندگي جو شعار بنائڻ اسان سڀني جي قومي ۽ اخلاقي ذميداري آھي.