ڪراچي-06 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي ھڪ اعليٰ سطحي 7 رڪني وفد ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي رٿا جي ڪم جي صورتحال، فني رنڊڪن، ڪنسلٽنٽس جي ڪارڪردگي سميت ٻين اھم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات جي موقعي تي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وفد کي ريڊ لائن بي آر ٽي رٿا ۾ درپيش مسئلن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ ڌرين ريڊ لائن بي آر ٽي رٿا کي وقت سر ۽ ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ جو عزم ڪيو. ملاقات دوران ڳالھائيندي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبو شھر جي ڳتيل آبادي وارن علائقن مان گذري رھيو آھي، جتي يوٽيلٽيز جي منتقلي ھڪ تمام وڏو مسئلو آھي. ھن چيو ته ھي منصوبو اسان جي انتھائي اھم آھي، ھن جي رستي ۾ پنج وڏيون يونيورسٽيون واقع آھن، ھي منصوبو لکين شھرين کي فائدو پھچائيندو، نگران حڪومت دوران 9 مھينن تي ھن منصوبي تي ڪم رُڪيل رھيو، جنھن جي ڪري منصوبي جو ڪم متاثر ٿيو. ھن وڌيڪ چيو ته پنڪ بس سروس جھڙن ڪامياب منصوبن جو مقصد شھرين جي لاءِ سفري سھولتن کي بھتر بڻائڻ آھي.