ڪراچي-06 مئي (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان سعودي عرب،گڏيل عرب امارتن ۽ سلطنت عمان جي ڪراچي ۾ مقرر قونصل جنرلز گورنر ھائوس ۾ ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون آھن. ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن،گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي ڳالھه ٻولھه ٿي. گورنر پھلگام واقعي بعد خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندي چيو ته پاڪستان دھشت گردي جي ھر شڪل جي واضح مذمت ڪري ٿو ۽ ان خلاف بيمثال قربانيون ڏئي چڪو آھي. ھندستاني الزام بي بنياد ۽ ثبوت کانسواءِ آھن، جيڪي رد ڪيون ٿا. ھن وڌيڪ چيو ته واقعي جي غيرجانبداراڻي، شفاف ۽ بين الاقوامي جانچ ضروري آھي ته جئين اصل حقيقتون سامھون اچي سگھن. ھن چيو ته ڀائر اسلامي ملڪن جي ھاڪاري ڪردار جي واکاڻ ڪيون ٿا. گورنر سنڌ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريو.