ڪراچي -04 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي، ته اڄ جو ڏينهن فائر فائيٽرز جي جرئت ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، فائر فائيٽرز اصل هيرو آهن، جيڪي پنهنجي حياتين جي پرواهه ڪرڻ کانس واءِ ٻين جون زندگيون بچائيندا آهن. جاري پريس پڌرائي موجب فائر فائيٽرز جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته فائر فائيٽرز عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۾ ڪا به ڪسر ناهن ڇڏيندا، فائر فائيٽرز باهه تي ضابطو آڻڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن وڏي نقصان کان بچائي سگهجي. وڏي وزير چيو ته اهڙا ڪيترائي واقعا موجود آهن جتي فائر فائيٽرز پنهنجون حياتيون قربان ڪري فرض نڀايا آهن. هن چيو ته فائر فائيٽرز نه رڳو انساني حياتيون بچائيندا آهن پر ماحول جي به حفاظت ڪندا آهن، ٻيلن کي محفوظ بڻائڻ ۾ به فائر فائيٽرز جو ڪردار تحسين جوڳو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته مان سڄي سنڌ جي فائر فائيٽرز جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو.