ڪراچي-24 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان آمريڪي ناظم الامور نٽالي بيڪر جي ملاقات ٿي جنهن ۾ آمريڪا ۽ سنڌ حڪومت ۾ گڏيل تعاون بابت خاص طور تي موسمياتي تبديلي ۽ سندن اثرن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي جتي آمريڪي قونصل جنرل اسڪاٽ اوبير، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا. مراد علي شاهه ۽ نٽالي بيڪر زرعي ترقي ۽ جديد زرعي ٽيڪنالوجين جي استعمال سميت مختلف ٻه طرفه معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي تعليمي، صحت جي شعبن ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون بابت پڻ ڳالهايو ۽ ماحولي چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻوڏ متاثر ڪميونٽين جي بحالي ۽ گهرن جي نئين سر تعمير بابت ڳالهه ٻولهه ٿي جتي مراد علي شاهه ٻڌايو ته سندس حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر تعمير ڪري رهي آهي ۽ انهن کي مالڪاڻا حق ڏنا ويا آهن. نٽالي بيڪر سنڌ حڪومت جي ترقياتي ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ آمريڪا پاران جاري تعاون ۽ مدد جي تصديق ڪئي. مراد علي شاهه آمريڪي حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو عزم ڪيو. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي جتي ٻنهي ڌرين لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو.