ڪراچي-23 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪتابن سان دوستي ڪريو ڪتاب نسلن ۽ ثقافتن کي ڳنڍيندڙ پُل آهن ۽ ڪتاب ئي ترقي جي ڪنجي آهن. اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪتاب ۽ ڪاپي رائيٽ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪتاب پڙهڻ سان سوچ وسيع ٿيندي آهي ۽ سماج بهتر ٿيندو آهي. هن چيو ته لائبرريون آباد ٿينديون ته ذهن روشن ٿيندا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ادب اسان جي تهذيب ۽ سڃاڻپ جو آئينو آهي، اردو ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب کي هٿي ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي. نوجوان ادب پڙهن، پنهنجي تاريخ ۽ ورثي سان ڳنڍجن. وڏي وزير چيو ته علم، خواندگي ۽ سماجي ترقي لاءِ ڪتابن کي هٿي وٺرائڻ وقت جي ضرورت آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت نوجوانن ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.