ڪراچي-22 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي تھ ڌرتي ماءُ وانگر آهي، جنهن جي حفاظت ڪرڻ هر انسان جي ذميواري آهي. هن چيو ته فطرت سان هم آهنگي ۽ ماحول جو توازن برقرار رکڻ وقت جي وڏي ضرورت بڻجي چڪي آهي. اھا ڳالھھ ھن عالمي ڌرتي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعليٰ ھائوس مان سندس جاري ڪيل بيان ڪئي. وڏي وزير ماحولياتي تبديلي جي خطرناڪ اثرن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ان بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ پائيدار ۽ اثرائتا قدم کڻڻ ضروري آهن. هن چيو ته انساني مداخلت ماحول تي ناڪاري اثر وڌو آهي ۽ جيوت کي نقصان پهچائيندڙ عملن کان پاسو ڪرڻ لازمي آهي. هن سنڌو درياھھ تي وڌيڪ ڪئنالن جي اڏاوت کي ”ماحولياتي تباهي“ قرار ڏيندي چيو ته ان سان سنڌ جو پاڻي ڦٻايو پيو وڃي. هن واضح ڪيو ته نوان ڪئنال ناقابل قبول آهن، ڇو ته اهي رڳو سنڌ نه، پر سموري ملڪ جي زرعي مستقبل لاءِ خطرو آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ کي 1991ع جي پاڻيءَ جي معاهدي تحت به پورو پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي. درياءَ تي ڪٽ لڳائڻ ڌرتي ماءُ جي وجود کي زخمي ڪرڻ جي برابر آهي. ھن چيو تھ دريائن جي قدرتي وھڪري کي روڪڻ هڪ ماحولياتي ڏوهه آهي. سيد مراد علي شاهه عوام کي اپيل ڪئي ته هو ڌرتي جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي رڳو زمين نه، پر دريائن جي تحفظ لاءِ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ھن خبردار ڪندي چيو تھ جيڪڏهن وڌيڪ ڪئنال ٺاهيا ويا ته زراعت ئي نه، ملڪ جو مستقبل به سُڪي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته انڊس ڊيلٽا کي ڪيترن سالن کان پاڻي نه مليو آهي، جنهن سبب اُتي جو ماحولياتي نظام تباهيءَ جي ڪناري تي پهتل آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جنگلات جي تحفظ، وڻڪاري، صاف توانائي ۽ سامونڊي علائقن ۾ ماحولياتي بحالي لاءِ جامع رٿا تيار ڪري رهي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت چاهي ٿي ته ماحول دوست رٿائن ۾ عوام جي ڀرپور شرڪت هجي. هن چيو ته زمين جي غلط استعمال، گدلاڻ ۽ وڻن جي ڪٽائي خلاف سخت قدم کنيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا 2022ع ۾ موسمي تبديليءَ بابت پاليسي منظور ڪئي، جنهن جو مقصد اثرن جي سڃاڻپ ۽ ڪارائتي رٿابندي آهي. سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ تحت 185 نوان واٽرڪورس ٺهيا، 500 جي لائننگ ٿي، هزارين آبادگارن کي تربيت ڏني وئي ۽ جديد زرعي سهولتون فراهم ڪيون ويون. وڏي وزير چيو ته پلاسٽڪ بيگز تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، انڊس ڊيلٽا جي صفائي ۽ وڻڪاري جھڙا اپاءَ ورتا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ انوائرومينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) صنعتن ۽ ٽرانسپورٽ شعبي ۾ ماحولياتي قانونن تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻائي رهي آهي. وڏي وزير ڪلفٽن ۾ 200 ايڪڙن تي قائم ”اربن فاريسٽ“ کي هن ماحولياتي بهتري ڏانهن عملي قدم قرار ڏنو. پيغام جي آخر ۾ وڏي وزير چيو تھ اچو ته سڀ گڏجي ڌرتي جي بچاءَ ۽ ماحولياتي نظام جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. اسان کي معيشيت، ماحول ۽ سماج کي هم آهنگ ڪري ترقيءَ جا نوان رستا اختيار ڪرڻا پوندا.