ڪراچي-21 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، والدين ۽ ٻارن جي سرپرستن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته پوليو ويڪسينيشن ٽيمن جي آجيان ڪئي وڃي ڇوته پنجن سالن کان گهٽ عمر واري هر ٻار کي ڦڙا پيارڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته پوليو جو ڪو علاج ناهي رڳو ويڪسينيشن ئي اسان جي ٻارڙن کي سڄي عمر معذوري کان بچائي سگهي ٿي. اهڙو اظهار هن ڪالهه صوبي ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ هڪ هفتيوار مهم جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي هن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ۽ حڪومت جو اهو مؤقف ورجايو ته هو هن معذور ڪندڙ بيماري جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته هن مهم جو مقصد سنڌ ۾ پنجن سالن کان گهٽ ڄمار وارن هڪ ڪروڙ ڇهه لک کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ آهي جن ۾ فقط ڪراچي ۾ 27 لک 60 هزار ٻار شامل آهن. هي مهم 69724 تربيت يافته فرنٽ لائن ورڪرن جي هڪ وڏي ٽيم ذريعي هلائي ويندي، جيڪي گھرن، اسڪولن، شاپنگ مالن ۽ مسافرخانن (ٽرانزٽ پوائنٽ) تي ٻارڙن کي ويڪسينيشن فراهم ڪندا ته جيئن ڪوبه ٻار ڦڙا پيئڻ کان محروم نه رهي. وڏي وزير شديد گرمي باوجود فرنٽ لائن ورڪرن جي جذبي کي ساراهيو ۽ چيو ته سندن اڻٿڪ محنت جي اعتراف ۾ حڪومت پاران پاڻي، او آر ايس جي پيڪٽن ۽ ٻين ضروري شين جي فراهمي ڪئي پئي وڃي ته جيئن اهي سخت گرمي ۾ تازو ۽ صحت مند رهي سگهن. هن اهو پڻ ٻڌايو ته ويڪسينيشن ٽيمن جي سيڪيورٽي ۽ مهم جي رواني کي يقيني بنائڻ لاءِ سنڌ ۾ 25360 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. ويڪسينيشن بابت خدشن تي ڳالهائيندي هن عوام کي يقين ڏياريو ته هي اهائي پوليو ويڪسين آهي جنهن سان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان وائرس جو خاتمو ڪيو ويو آهي. هن وضاحت ڪئي ته هي اهائي ويڪسين آهي جيڪا حج ۽ عمري تي ويندڙ پانڌيئڙن کي ڏني وڃي ٿي ۽ عام طور تي پرائيويٽ ڪلينڪن ۽ اسپتالن ۾ ٻارڙن جي ماهر ڊاڪٽرن پاران تجويز ڪئي ويندي آهي. وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو ٻار تازو ئي ويڪسين وٺي چڪو آهي ته به هن مهم دوران ٻيهر ڦڙا پيارڻ بلڪل محفوظ ۽ ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهي آهي ته ڪولڊ چين (ويڪسين کي ٿڌو رکڻ جو نظام) سختي سان برقرار رکيو وڃي ته جيئن ويڪسين اثرائتي ۽ طاقتور حالت ۾ هر ٻار تائين پهچي سگهي. هن چيو ته پوليو جو خاتمو هڪ گڏيل عزم جي تقاضا ڪري ٿو اڳواڻن کان وٺي فرنٽ لائين ورڪرن، برادرين کان وٺي هر خاندان تائين، سنڌ هن مشن ۾ متحد آهي. اچو ته گڏجي هر ٻار جي حفاظت ۽ ايندڙ نسلن لاءِ صحت مند ۽ محفوظ مستقبل کي يقيني بڻايون. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسان سڀ گڏجي پوليو جو خاتمو ڪري سگهون ٿا ۽ اها مهم تيستائين جاري رکڻ گهرجي جيستائين گهربل هدف حاصل نه ٿئي. هن 21 کان 27 اپريل 2025 تائين جاري رهندڙ پوليو جي خاتمي واري مهم جي باضابطه شروعات ڪئي. جنهن جو هدف سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ ڇهه لک کان وڌيڪ ٻارڙن کي ويڪسينيشن ڏيڻ آهي، جن مان 27 لک 60 هزار رڳو ڪراچي ۾ آهن. ان موقعي تي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته ماحولياتي نمونن مان ظاهر ٿئي ٿو ته وائرس اڃا موجود آهي. ويڪسينيشن ئي هڪ واحد تحفظ آهي ۽ اسان کي هن مهم کي وڌيڪ مضبوط عزم سان جاري رکڻ گهرجي. شهري عورتن کي درخواست ڪئي وئي آهي ته پوليو ٽيمن سان مڪمل تعاون ڪن. جيڪڏهن ڪنهن گھر ۾ پنجن سالن کان گهٽ ڄمار جو ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي ويو آهي ته گهر جو ڪوبه ڀاتي 1166 تي ڪال ڪري يا 7776545-0346 تي واٽس ايپ ڪري. افتتاحي تقريب ۾ صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اي او سي) سنڌ جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر ارشاد علي سوڍڙ، اعليٰ سرڪاري عملدار ۽ ٻين عالمي شراڪتدار تنظيمن، ڊبليو ايڇ او، يونيسف، بل اينڊ ميلينڊا گيٽس فائونڊيشن جي نمائندن شرڪت ڪئي.