ڪراچي-18 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ مذهبي هڪجهڙائي ، حج جي پانڌيئڙن کي سهولتون مهيا ڪرڻ ۽ نوجوانن لاءِ تربيتي موقعن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته حج جي پانڌيئڙن لاءِ وفاقي حڪومت جا انتظام ۽ سهولتون واکاڻ جوڳيون آهن جيڪو عوامي خدمت جي جذبي جو بهترين مثال آهي.گورنر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف گورنر جي، آءِ ٽي انيشيٽوز جي واکاڻ ڪندي چيو ته نوجوانن کي بااختيار بنائڻ لاءِ سندس قدم مثالي آهن، جن سان پاڪستان جو مستقبل روشن ٿي رهيو آهي.