ڪراچي-15 اپريل (اي پي پي) سنڌ حڪومت ناقص ۽ غيرمحفوظ ڪمرشل گاڏين جي رجسٽريشن رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جو اھم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ جي مختلف رٿائن ۽ روڊ سيفٽي بابت حڪومتي قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڪمرشل گاڏين جي معائني جي نظام کي جديد بنائڻ جي ڏس ۾ اھم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ نيشنل ھاءِ وي ۽ سپر ھاءِ وي تي ڪمرشل گاڏين جي معائني لاءِ ايم وي آءِ سينٽرز قائم ڪرڻ جو بھ فيصلو ڪيو ويو. سينيئر وزير چيو تھ سڄي سنڌ ۾ ڪمرشل گاڏين جي معائني لاءِ 10 ايم وي آءِ سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن، ڪراچي ۾ 2 ايم وي آءِ سينٽر اڳ ۾ ئي فعال آھن، وڌيڪ سينٽرن تي ڪم کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو تھ نيشنل ھاءِ وي ۽ سپر ھاءِ وي تي اي وي آءِ سينٽر قائم ٿيڻ سان گاڏين جي شھر ۾ داخلا کان پھريان فٽنيس يقيني ھوندي. ھن چيو تھ ڪراچي ۾ 3 وڌيڪ ۽ سنڌ جي باقي ضلعن ۾ 5 ايم وي آءِ سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن. شرجيل انعام ميمڻ اجلاس ۾ ٻڌايو تھ جون ۾ 34 نيون اليڪٽرڪ بسون ۽ 5 ڊبل بسون (ڊبل ڊيڪرز) ڪراچي پھچنديون، جڏھن تھ وڌيڪ 100 بسون بھ جون ۾ ئي پھچي وينديون. ھن چيو تھ شروعاتي مرحلي ۾ 500 اليڪٽرڪ ٽيڪسيون متعارف ڪرائڻ لاءِ سڀ ضروري قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس ۾ گرين لائين ۽ اورنج لائين گاڏين کي ڪتب آڻيندي ايندڙ ھفتي نئون روٽ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏھن تھ عورتن لاءِ پنڪ اي وي اسڪوٽر اسڪيم پڻ جلد شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.