ڪراچي-09 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي.گورنر جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ وفاقي ترقياتي منصوبن، سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ان موقعي تي چيو ته سنڌ صوبي ۾ جاري وفاقي ترقياتي منصوبن جا مثبت اثر سامهون اچي رهيا آهن ۽ ماڻهن کي انهن مان حقيقي رليف ملي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ وقت جي ضرورت آهي، جيڪي نه رڳو معيشت کي سهارو ڏيندا پر ملڪي ۽ پرڏيهي سياحن لاءِ به ڪشش جو سبب بڻجندا. گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت جي مدد ۽ فنڊنگ سان گلگت بلتستان ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو هڪ نئون دور شروع ٿيو آهي. هن چيو ته علائقي ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. سنڌ جي گورنر پاران جاري فلاحي منصوبن جي تعريف ڪندي هن چيو ته اهي قدم ساراهه جوڳا آهن ۽ عوامي سطح تي مثبت تبديلي آڻي رهيا آهن.