ڪراچي-08 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽريفڪ پوليس کي فٽنيس سرٽيفڪيٽ رد ڪيل گاڏين کي فوري طور تي ضبط ڪرڻ ۽ سڀني گاڏين جي ڊرائيورن جُون منشيات / ميڊيڪل جُون ٽيسٽُون ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اهڙين گاڏين کي ٽرانسپورٽ کاتي پاران روڊن تي هلڻ لاءِ قابل قرار ڏيڻ تائين روڊن تي واپس اچڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. اهڙيون هدايتون هن ٽريفڪ حادثن کي روڪڻ جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيون. اجلاس ۾ وڏي وزير شهر ۾ محفوظ ۽ موثر ٽريفڪ مينجمينٽ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ محفوظ سفر ۽ انساني جانين جي تحفظ لاءِ وڏي وزير پوليس ۽ ٽرانسپورٽ اهلڪارن کي حفاظتي قدمن تي سختي سان عمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي، پوليس کاتي کي هدايت ڪئي ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف فوري طور تي ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو وڃي