ڪراچي-07 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري صحت جي عالمي ڏهاڙي (ورلڊ هيلٿ ڊي) تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ به صحت جو عالمي ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. صحت جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد صحت جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ ۽ ان کان عوام کي واقف ڪرڻ آهي. صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هلندڙ سال جو نعرو “ نئين شروعات ۽ مستقبل ۾ اميد” آهي. احتياط علاج کان بهتر آهي ان لاءِ ضروري آهي ته عوام پنهنجي صحت جو خاص خيال رکي. معياري علاج هر انسان جو بنيادي حق جڏهن ته سٺي صحت خوشگوار زندگي جي چاٻي آهي.