لنڊن -07 اپريل (اي پي پي) برطانيه اسرائيل طرفان اقتدار هيٺ ليبر پارٽي جي 2 پارليامينٽيرينز کي اسرائيل ۾ حراست هيٺ رکڻ ۽ داخلا جي اجازت نه ڏيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته اهو قبولڻ جوڳو ناهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق برطانيه جي ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي ته ليبر پارٽي جا ٻه پارليامينٽ ميمبر يوان يانگ ۽ ابتسام محمد لنڊن مان اسرائيل پهتا هئا. رپورٽ مطابق ٻنهي ميمبرن کي اسرائيل ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ۽ حراست ۾ رکڻ بعد ڊي پورٽ ڪري ڇڏيو. برطانيه جي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي بيان ۾ چيو ته برطانيه لاءِ اسرائيل طرفان اهو قدم قبول ڪرڻ جوڳو ناهي ۽ نقصان ڏيندڙ ۽ ڳڻتي جو سبب آهي ڇاڪاڻ ته پارلياماني وفد ۾ شامل ٻن برطانوي پارليامينٽ ميمبرن کي اسرائيل جي اختيارين حراست ۾ ورتو ۽ ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو.