ڪابل- 06 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) چيو آهي ته افغانستان ۾ هڪ ڀاڱي ٽي صوبن ۾ ٻارن ۾ غذائي کوٽ ڳڻتي جوڳي حد تائين پهچي چڪي آهي ۽ خدشو آهي ته مالي وسيلن جي کوٽ سبب خوراڪ ورهائڻ ۽ ٻين امدادي سرگرمين ۾ ڪٽوتي سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق افغانستان ۾ گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام جي …
افغانستان جي هڪ ڀاڱي ٽي صوبن ۾ ٻارن لاءِ غذائي کوٽ ڳڻتي جوڳي حد تائين پهچي چڪي آهي: ورلڊ فوڊ پروگرام

مزید خبریں
ڪابل- 06 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) چيو آهي ته افغانستان ۾ هڪ ڀاڱي ٽي صوبن ۾ ٻارن ۾ غذائي کوٽ ڳڻتي جوڳي حد تائين پهچي چڪي آهي ۽ خدشو آهي ته مالي وسيلن جي کوٽ سبب خوراڪ ورهائڻ ۽ ٻين امدادي سرگرمين ۾ ڪٽوتي سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق افغانستان ۾ گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جان ايليف گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته ٻارن جي وڌندڙ فوتگين کي روڪڻ لاءِ اسان کي فوري قدم کڻڻا پوندا ڇو جو اهو بحران انهن فوتگين جو سبب بڻجي رهيو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان ڪيترن ئي ٻارن لاءِ هاڻي تمام دير ٿي چڪي آهي. ڊبليو ايف پي جي اندازي مطابق هلندڙ سال افغانستان ۾ 3.7 ملين ٻار شديد غذائي کوٽ جو شڪار ٿيندا جڏهن ته 1.2 ملين ڳورهاريون ۽ کير پياريندڙ عورتون به ان مسئلي سبب متاثر ٿينديون. اداري ٻڌايو ته افغانستان جا 12 صوبا ٻارن ۾ شديد غذائي کوٽ جي ڳڻتي جوڳي سطح تائين پهچي چڪا آهن، جيڪو هن وقت تائين جو سڀ کان وڏو انگ آهي. جنهن جي سببن ۾ جنگ، بيروزگاري، خوراڪ جون وڌندڙ قيمتون، بيمارين جو ڦهلاءُ، صاف پاڻي ۽ صفائي جي ناقص صورتحال ۽ انساني امداد لاءِ فنڊنگ ۾ گهٽتائي شامل آهن.











