سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان اردن، مصر ۽ عراق جي اڳواڻن جي ملاقات

رياض-06 آگسٽ (اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان، عمان ۾ عراق جي هم منصب ڊاڪٽر فواد محمد حسين، اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن الصفدي ۽ مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ملاقات ڪئي .پرڏيهي ميڊيا موجب اها ملاقات عمان ۾ بيت المقدس ۽ ان جي مقدس هنڌن جي تحفظ جي حوالي سان وزارتي اجلاس جي موقعي تي ٿي. سعودي عرب …

رياض-06 آگسٽ (اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان، عمان ۾ عراق جي هم منصب ڊاڪٽر فواد محمد حسين، اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن الصفدي ۽ مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ملاقات ڪئي .پرڏيهي ميڊيا موجب اها ملاقات عمان ۾ بيت المقدس ۽ ان جي مقدس هنڌن جي تحفظ جي حوالي سان وزارتي اجلاس جي موقعي تي ٿي. سعودي عرب ۽ عراق جي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات ۾ علائقائي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو ويو. هن انهن سمورين ڪوششن جي حمايت جي اهميت تي زور ڀيو جيڪي عراق جي مفادن، عرب ۽ اسلامي ملڪن سان انهن جي لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مددگار آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ان کي يقيني بڻايو وڃي ته عراق جي سر زمين ۽ وسيلن کي ان جي پاڙيسرين خلاف جارحيت جي هٿيار طور استعمال نه ڪيو وڃي ۽ علائقي جي سمورن ملڪن ۽ ماڻهن جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي. اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن الصفدي سان ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ انهن کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو. هن علائقائي ترقي تي اولهه ڪناري ۽ غزه پٽي جي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ مصر وچ ۾ تعاون جي شعبن جو جائزو ورتو ويو ۽ خطي جي تازي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

مزید خبریں