رياض -05 اپريل (اي پي پي) عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل احمد ابو الغيط چيو آهي، ته اسرائيل عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندي غيرذميواراڻي عسڪري حملن سان شام ۽ لبنان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب جاري بيان ۾ سيڪريٽري جنرل احمد ابو الغيط افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته عالمي برادري جي غيرسنجيدگي سبب صيهوني رياست جي وڌيڪ حوصلا افزائي ٿي اهي. هن چيو ته اسرائيل طرفان فلسطيني سر زمين، لبنان ۽ شام خلاف شروع ڪيل جنگ لاپرواهي جي نئين دور ۾ داخل ٿي وئي آهي. صحيحيون ڪيل معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. ملڪن تي قبضا ڪيا پيا وڃن ۽ وڌيڪ شهرين کي ماريو پيو وڃي. هن چيو ته لبنان ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي ٻيهر شروعات قبولڻ جوڳي ناهي ۽ اها جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته اسرائيلي ڪارروائيون ملڪ جي اندروني ايجنڊا تي ٻڌل آهن ۽ ان سبب شهرين جون زندگيون ۽ علائقائي امن داءَ تي لڳل آهي.