اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ميانمار، ٿائيلينڊ ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي دل ڌوڏيندڙ خبر تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان جون همدرديون ان سانحي کان متاثر سمورن ماڻهن سان گڏ آهن ۽ اسان سمورن متاثر ماڻهن سان گڏوگڏ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان انهن بهادر ماڻهن ۽ هنگامي امداد فراهم ڪندڙن کي ساراهيون ٿا جيڪي بچاءُ ۽ امدادي ڪاررواين جي لاءِ محنت سان ڪم ڪري رهيا اهن. ترجمان چيو ته ان هنگامي وقت ۾ انهن جي بهادري ۽ عزم واقعي ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته اسان هن مشڪل وقت ۾ متاثر حڪومتن ۽ ڪميونٽيز سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. طاقت ۽ لچڪ متاثر ٿيندڙن کي شفاف ۽ بحالي طرف وٺي وڃي.