اسلام آباد-28 مارچ (اي پي پي) نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس عيد جي موقعي تي ٽريول ايڊوائيزري جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ مسافرن کي سفر دوران احتياطي اپاءِ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جمعي تي جاري ڪيل ايڊوائيزري ۾ چيو ويو آهي ته عيد جي موقعي تي ماڻهو پنهنجن اباڻن علائقن جو رخ ڪندا آهن جنهن جي ڪري هاءِ ويز تي ٽريفڪ جو رش وڌي ويندو آهي . ڪجهه احتياطي اپاءَ اختيار ڪري سفر کي آسان بڻائي سگهجي ٿو، سفر شروع ڪرڻ کان اڳ گاڏي جي انجڻ، پاڻي،ٽائر پريشنر ۽ بريڪ وغيره چڱي ريت چيڪ ڪرڻ گهرجي جڏهن ته ڊرائيونگ دوران سيٽ بيلٽ جو استعمال ڪجي جڏهن ته رفتار جي حد جي پابندي ڪندي گاڏين وچ ۾ مناسب مفاصلو رکڻ گهرجي ۽ لائن جي پڻ پاسداري ڪرڻ ضروري آهي. ڊگهي سفر کان اڳ ڊرائيور کي مڪمل آرام ڪرڻ گهرجي جڏهن ته ٻه ڪلاڪ ڊرائيونگ کان پوءِ پڻ ڪجهه وقت آرام ڪرڻ ضروري آهي. ڪنهن به مدد جي صورت ۾ موٽر وي پوليس هيلپ لائن 130 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو . نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس توهان جي مدد ۽ محفوظ سفر لاءِ هر وقت تيار آهي.