اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ نيدرلينڊ جي سفير هيني فوڪل ڊي وريز ملاقات ڪئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ قانونسازي، پاليسي سڌارن ۽ انساني حقن کي هٿي ڏيڻ سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون جي ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سفير …
قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سان پاڪستان ۾ نيدرلينڊ جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ نيدرلينڊ جي سفير هيني فوڪل ڊي وريز ملاقات ڪئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ قانونسازي، پاليسي سڌارن ۽ انساني حقن کي هٿي ڏيڻ سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون جي ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سفير انساني حقن جي ايجنڊا کي لاڳو ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سڀني مذهبي برادرين کي آئين تحت تحفظ حاصل آهي. اقليتن بابت قومي ڪميشن بل اقليتن جي حقن لاءِ متعارف ڪرايو ويو. سفير وزير کي اپريل ۾ ڊچ هاڪي جي لچنڊ فلوريس جان بوولينڊر جي ايندڙ دؤري جي باري ۾ ٻُڌايو. ان موقعي تي راندين جي سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سفير ٻه طرفن لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ ۾ راندين جي ڪردار کي تسليم ڪندي لاڳاپيل سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي دعوت ڏني. بين الاقوامي سطح تي گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ جي نيدرلينڊ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.











