اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير نتالي بيڪر ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ٻطرفي تعاون ۽ دهشتگردي خلاف گڏيل سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وقتي سفير جعفر ايڪسپريس ۽ ٻين دهشتگرد حملن جي مذمت ۽ شهيدن جي ڪٽنبن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي هاڻوڪي واقعن ۾ مارجي ويلن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي آهي. ملاقات ۾ هلندڙ سال جون ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊائيلاگ ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري، آمريڪا جوپوليٽيڪل قونصلر زيڪ هارڪن رائيڊر ۽ گهرو معاملن وارو وفاقي سيڪريٽري خرم آغا به ان موقعي تي موجود هئا. وقتي سفير طلال چوڌري کي مملڪتي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون. گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. پاڪستان حڪومت دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪري رهي آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ گهڻ رخي پاليسي جي ضرورت آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا شڪرگذار آهيون، هن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته آمريڪا ۾ غير قانوني رهندڙ پاڪستانين جي ملڪ واپسي ۾ هر ممڪن تعاون ڪنداسين. هن چيو ته پاڪ آمريڪا ڪاڪس جو اجلاس 30 اپريل تي نيويارڪ ۾ منعقد ڪيو ويندو. ان موقعي تي طلال چوڌري چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. آمريڪا جا اسٽريٽجڪ پارٽنر آهيون، آمريڪي سفير اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي رٿائن جي ساراهه ڪئي.