اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گوادر جي علائقي ڪلمت ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد ملڪ جي ترقي ۽ صوبي جي خوشحالي جا دشمن آهن، اهي بلوچستان کي ترقي ڪندي ڏسڻ نه ٿا چاهين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دهشتگرد حملي ۾ قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر واقعي ۾ مارجي ويلن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگرد ملڪي ترقي ۽ صوبي جي خوشحالي جا دشمن آهن، دهشتگرد بلوچستان کي ترقي ڪندي ڏسڻ نه ٿا چاهين. صدر حملي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي ۽ مارجي ويلن جي درجن جي بلبندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.