اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ تازو ئي طئي ٿيندڙ محدود جنگبندي جي آجيان ڪئي آهي جنهن ۾ توانائي جي انفراسٽرڪچر تي حملن ۽ اسود سمنڊ ۾ محفوظ جهاز راني کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان آمريڪي انتظاميا ۽ قيادت جي ان معاهدي کي ممڪن بڻائڻ ۾ سرگرم ڪوششن کي ساراهي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته انهن شروعاتي قدمن سان پيدا ٿيندڙ نئين رفتار آخرڪار جامع ۽ مستقل جنگبندي طرف وٺي ويندي. هن چيو ته يوڪرين تڪرار تي پاڪستان جو موقف مستقل رهيو آهي، پاڪستان جا روس ۽ يوڪرين سان دوراڻا لاڳاپا آهن، اسان سدائين ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري، فوري جنگبندي ۽ ان تڪرار جي پرامن حل جي حمايت ڪئي آهي. ترجمان شام تي اسرائيلي حملن جي پڻ مذمت ڪئي. ترجمان چيو ته شام جي سرزمين تي اسرائيل جي مسلسل ۽ بار بار ڪيل فضائي حملن، 1974ع جي فورسز عليحدگي معاهدي جي خلاف ورزين ۽ شام ۾ اڻڄاتل مدي تائين موجودگي ۽ مڪمل فوج زده ڪرڻ جي اعلان کي ”ناقابل قبول“ قرار ڏنو. هن چيو ته اهي قدم شام جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي واضح خلاف ورزي آهن ۽ عالمي قانون ۽ خطي جي استحڪام کي ڪمزور ڪن ٿا. هن چيو ته شام ۾ پائيدار امن جو دارومدار هڪ قابل اعتماد سياسي منتقلي، قومي اتحاد، مصالحت ۽ جامع حڪمراني تي ٻڌل آهي. ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ميمبرن جي گهرن تي ڀارتي عملدارن جي ڇاپن وارين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي جيڪي مقامي آبادي کي خوفزده ڪرڻ ۽ اختلاف راءِ کي ڪچلڻ جي لاءِ ڪيون ويون آهن. هن چيو ته اسان ڀارتي عملدارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي انهن جابراڻي قدمن کي روڪين ۽ ڪشميري عوام جي بنيادي حقن ۽ بشمول انهن جي خودمختياري جي حق جي آزادين جو احترام ڪن. بلوچستان جي حالتن تي يو اين جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي يو اين جي ماهرن جي بيان جنهن ۾ بلوچ مظاهرين جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو هو، تي ترجمان چيو ته اهي تبصرا توازن ۽ تناسب کان عاري آهن. هن چيو ته اهڙا عنصر رڳو مظاهرين نه آهن پر بدامني ۽ تشدد جي وسيع مهم جا سرگرم ڪردار آهن، اهي عنصر دهشتگردن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، جيئن ته ڪوئيٽا جي ڊسٽرڪٽ اسپتال تي انهن جي غيرقانوني حملي مان ظاهر ٿئي ٿو، جتي انهن جعفر ايڪسپريس هاءِ جيڪنگ آپريشن دوران ماريل 5 دهشتگردن جي لاشن تي زبردستي قبضو ڪري ورتو هو. افغانستان جي لاءِ خصوصي نمائندي جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي ترجمان افغانستان جي لاءِ خصوصي نمائندي سفير محمد صادق جي تازي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ملاقات ۾ ٻنهي طرفن گڏيل مفاد جي سمورن مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ امن ۽ سلامتي، واپار ۽ اقتصادي تعاون ۽ عوام جي وچ ۾ رابطا شامل آهن. ٻنهي طرفن ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي مشاورت ۽ مڪالمي کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن پائيدار خطائي امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل فائديمند ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.