ڪوئيٽا 26 مارچ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي ته، رياست، آئين ۽ قانون کي مڃڻ وارن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، دهشتگردن سان ڪنهن قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون، دهشتگردن خلاف ملڪ ۽ پرڏيهه هر جڳهه پيڇو ڪيو ويندو، اڄ کان جعفر ايڪسپريس پشاور لاءِ رواني ٿيندي، سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. اهڙو اظهار هن ريلوي ڊي ايس سان گڏ ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن جو ڪو دين ايمان ناهي هوندو، هڪ سازش تحت قوم پرستي، فرقه پرستي ۽ صوبائيت کي هوا ڏني پئي وڃي، ٽرين حملي ۾ عام ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو، دهشتگردن کي اهو پيغام آهي ته هاڻ جعفر ايڪسپريس هفتي ۾ ٽن بجاءِ 7 ڀيرا هلندي. سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ ايف سي کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا ته انهن جانين تي کيڏي شهرين کي بچايو. هن چيو ته نيشنل سيڪيورٽي جي اجلاس ۾ ۽ حڪومتي سطح تي اهو فيصلو ڪيو ته دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، اسان جي فوج 30 سالن کان دهشتگرديءَ خلاف وڙهي رهي آهي، بلوچستان جو عوام ڪنهن جي خلاف ناهي، ٽرينن جي سيڪيورٽي جا اهم قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته يلوي پوليس وٽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي کوٽ آهي، تنهنڪري 500 پوليس اهلڪار جلد ڀرتي ڪيا ويندا جن ۾ 70 سيڪڙو اهلڪارن کي بلوچستان ۾ مقرر ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته 29 تاريخ تي عيد لاءِ اسپيشل ٽرين ڪوئيٽه کان رواني ٿيندي، عيد جي پهرين 3 ڏينهن تائين ڪِراين ۾ 20 سيڪڙو رعايت ڏني وئي آهي.