ڪراچي-26 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عيد جي موقعي تي وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ۽ ٽرانسپورٽ کاتي جون ٽيمون مسلسل نگراني ڪري رھيون آهن، جيڪو به اضافي ڀاڙو وصول ڪندو ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن ٽرانسپورٽ اختيارين کي هدايت ڪئي ته چيڪنگ جي عمل کي وڌيڪ سخت ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراھم ڪري سگهجي۔ اهڙو اظهار هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي ۔هن چيو ته سنڌ سرڪار عوام کي منصفاني ۽ سستي ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ڪنهن کي به شهرين جو استحصال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اھي وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪرڻ جي فوري طور تي لاڳاپيل اختيارين کي اطلاع ڏين ته جيئن بروقت ڪارروائي ڪري سگهجي۔ هوڏانهن وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪندڙن خلاف ٽرانسپورٽ کاتي جي مهم جاري آھي، کاتي جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب مھم دوران سڄي صوبي ۾ 710 گاڏين جي چيڪنگ ڪئي وئي. مهم دوران اضافي ڀاڙو وٺڻ تي 427 گاڏين کي چالان ڪيو ويو جڏهن ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ٽرانسپورٽرن تي 3 لک 84 هزار 200 رپيا ڏنڊ وڌو ويو. ٽرانسپورٽ کاتي جي ٽيمن مسافرن کان اضافي ڀاڙي جي مد ۾ وصول ڪيل ڏه لک 15 هزار 300 رپيا موقعي تي ئي مسافرن کي موٽرائي ڏنا. ٽرانسپورٽ کاتي موجب، هي مهم عيد الفطر کان پوءِ به جاري رهندي ته جيئن مسافرن کان غير قانوني ڀاڙن جي وصول کي روڪي سگهجي.