قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران آرمي چيف سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت

اسلام آباد -25 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير سان سندس والده جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هن جنرل سيد عاصم منير ۽ سندس گهر ڀاتين تان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سيد عاصم منير جي والده ماجده جي وفات جي خبر ٻڌڻي دلي ڏک ۽ افسوس ٿيو. ڏک …

اسلام آباد -25 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير سان سندس والده جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هن جنرل سيد عاصم منير ۽ سندس گهر ڀاتين تان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سيد عاصم منير جي والده ماجده جي وفات جي خبر ٻڌڻي دلي ڏک ۽ افسوس ٿيو. ڏک جي هن گهڙي ۾ سيد عاصم منير ۽ سندس گهر ڀاتين سان غم ۽ صدمي م برابر جا شريڪ آهيون. والدين قدرت جو انمول تحفو هوندا آهن، انهن جو وڇڙڻ تمام گهڻو ڏکوئيندڙ آهي ۽ وڏو صدمو آهي. اسپيڪر الله تعاليٰ کان مرحومه جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ۽ سيد عاصم منير سميت گهر ڀاتين لاءِ صبر جي دعا ڪئي.