دبئي-22 مارچ (اي پي پي)گڏيل عرب امارتن ۾ دبئي پوليس رمضان جي وچ ڌاري تائين 127 پينوفقير گرفتار ڪيا آهن جن وٽان 50 هزار درهم مليا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب دبئي پوليس جي جنرل ڊيپارٽمنٽ آف ڪريمنل انويسٽيگيشن دبئي پوليس اسٽيشنن جي سهڪار سان پينو فقيرن خلاف ڪارروايون ڪيون. اختيارن جو چوڻ آهي ته پينو فقيرن خلاف سخت ڪاررواين کانپوءِ انهن جي تعداد ۾ سالياني گهٽتائي اچي رهي آهي. رمضان دوران پنڻ جي روڪٿام لاءِ جاري ڪارروايون تيز ڪندي جامع منصوبا تيار ڪيا ويا آهن .انهن علائقن ۾ گشت وڌايو ويو آهي جتي پينو فقيرن جي موجودگي جو امڪان آهي.