واشنگٽن -21 مارچ (اي پي پي) آمريڪا ايران تي نيون پابنديون لاڳو ڪيون آهن، پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ناڻي واري ادري جي ويب سائيٽ اطلاع ڏنو آهي ته آمريڪا ايران بابت نيون پابنديون جاري ڪري ڇڏيون آهن. آمريڪا ايران جي هڪ اهم شخصيت ۽ڪيترن ئي ادارن ۽ سماونڊي جهازن تي پابنديون لڳايون آهن. هڪ چيني خانگي شعبي جي آئل ريفائنري تي به پابندي لڳائي وئي آهي . جنهن تي ايراني تيل جي خريداري ۽ پروسيسنگ جو شق آهي. اهو قدم ايراني تيل جي وڪري تي آمريڪي پابندين جي چوٿين دور جي نمائندگي آهي جڏهن کان صدر ڊولڊ ٽرمپ فيبروري ۾ ايران تي وڌ کان وڌ دٻاءِ جي پاليسي کي ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هيو. ان پاليسي جو مقصد ايران جي خام روانگي واپار کي زيرو ڪرڻ آهي. ايران جو چوڻ آهي ته سندن ايٽمي پروگرام پر امن مقصدن لاءِ آهي.